
کيرٿر نيشنل پارڪ
کيرٿر نيشنل پارڪ: کير ٿر وارو جابلو علائقو قديم زماني کان ڪيترن ئي ننڍن وڏن جانورن جي اهم رهائش رهي آهي. سنڌ حڪومت پاران 1974ع ۾ جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ ’کيرٿر نيشنل پارڪ‘ قائم ڪيو ويو. ڪوهستان واري علائقي ۾ قائم نيشل پارڪ ايترو ته وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي، جو هن ۾ ڪراچيءَ جون به 16 ديھون اچي وڃن ٿيون. کيرٿر نيشنل پارڪ جي سار سنڀال وائلڊ لائف کاتي سنڌ وٽ آهي ۽ نيشنل پارڪ واري سڄي ايراضيءَ ۾ شڪار تي مڪمل پابندي آهي. هتي ڪيترن ئي قسمن جا جانور موجود آهن. هرڻ، ڦاڙها، گڊ، ڳورپٽ، هاتار، لومڙ ۽ سرنهن به آهن. هن کي پھريان سينڪچوئري جي حيثيت هئي. هن پارڪ جي ’کار‘ سينٽر ۾ آمريڪا کان آندل ڪارا هرڻ به آهن. کار سينٽر ۾ 26 قسمن جا جانور موجود آهن. وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ موجب 1980ع تائين پارڪ ۾ ست ليپرڊس (Leopard) موجود هئا پر هاڻي هڪ به نه آهي. ڪوهستان واري علائقي ۾ چيتو، لومڙ، جهنگلي ٻلا، چراخ، پينگولين، تتر، باز، تلور، چڪور، گدڙ، بگهڙ، ڳورپٽ، سيڙهه، واڳون، سھا، نانگ، نور، هڻ کڻ، پيئڻ بلا ۽ کپر جام آهن، جيڪي هتي به گهڻا موجود آهن. کار سينٽر ۾ ڪنڊ ڏانھن ويندڙ رستي جي ساڄي هٿ تي وڏي علائقي تي هٿرادو لوهي ڄار جو واڙو ٺاهيو ويو آهي، ته جيئن اڻلڀ ۽ قيمتي جانورن ۽ پکين جي نسل جو تحفظ ۽ سٺي نموني سان واڌارو ڪري سگهجي. هتي هڪ گول هٿرادو تلاءَ ۾ واڳون به آهن.