کيرول (گاهه): هي چيٽ جي فصل ۾ ٿيندڙ موسمي گاهه آهي. هن جون شاخون زمين سان چھٽي پکڙنديون آهن. پنن ۽ ڏانڊين مان کير نڪرندو آهي. ان ڪري مٿس کير ول نالو پيو. هن ٻوٽي جي هر ٿُڙيءَ تي ڳنڍيون ٿين، جن مان شاخون نڪرن ٿيون. انهن جو رنگ چھچ سائو، گلابي ۽ ٻج ڪاراڻ مائل ٿين. هن گاهه کي رڍون ۽ ٻڪريون شوق سان کائينديون آهن. هن جي کائڻ سان مال ۾ کير وڌي ٿو. حڪمت ۾ هن جو کير دوائن ۾ به ڪتب اچي ٿو. هن کي ڪٿي ڪٿي ’کير-ول‘ به سڏيندا آهن.