کُنڀي

کُنڀي

کنڀي

کُنڀي (Mushroom): کُنڀي سنڌ ۾ برساتن جي مند دوران ٿر ۽ ڪوهستان جي وارياسن علائقن ۾ عام جام ٿيندي آهي. کنڀي هڪ سٺي غذا ۽ لحميات جو بھترين مٽ/نعم البدل آهي. هن ۾ حياتين، وٽامن بي ۽ لوڻياٺ جھجهي مقدار ۾ ٿين ٿا، جيڪي انساني جسم ۾ آساني سان هضم ٿي وڃن ٿا. هن ۾ سڻڀ تمام گهٽ مقدار ۾ ٿئي ٿو. سنڌي توڙي اردوءَ ۾ هن کي کنڀي چيو ويندو آهي ۽ انگريزيءَ ۾ مشروم (Mushroom) چون ٿا. انساني تھذيب جي اوائلي دورن ۾ کنڀي انساني خوراڪ جي اهم جزي طور استعمال هيٺ رهي آهي. قديم دؤر جي اعليٰ تھذيبن جھڙوڪ روم، مصر ۽ چيني تھذيب ۾ هن جو ذڪر بھترين غذا طور ملي ٿو. کنڀي لذت ۽ خوشبوءَ سبب دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ شوق سان کاڌي وڃي ٿي ۽ دوا طور به استعمال ٿئي ٿي. ٿر ۾ تازي ۽ سڪل حالت ۾ به واپرائجي ٿي ۽ ٿر جا ماڻهو وسڪاري ۾ کنڀيون ميڙي چونڊي ڇُڳا ٻڌي شھرن ڏي کڻي وڃي وڪڻن ٿا. کنڀي وچ اوڀر چين، جاپان ۽ روس وغيره ۾ عمدي قسم جي غذا طور استعمال ٿئي ٿي، جنھن ۾ لحميات (Protein) جو 30 کان 40 سيڪڙو ٿئي ٿو، جيڪو گوشت ۽ کير کان به وڌيڪ آهي. جاپان ۽ تائيوان ۾ وڏي پئماني تي مٽاسٽا ۽ ناڻي ڪمائڻ جو بھترين ذريعو آهي.
کنڀي ۾ نشاستي ۽ سڻڀ جو مقدار تمام گهٽ هئڻ سبب هي ٿلهن ماڻهن لاءِ فائديمند غذا آهي ۽ انساني صحت لاءِ پڻ ضروري سمجهي وڃي ٿي. هن ۾ پروٽين ۽ آڪسيجن وڏي تعداد ۾ آهن. کنڀي، هاءِ بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ به مفيد ٿئي ٿي. ان کانسواءِ ذيابطيس (شوگر)، عورتاڻي بيمارين، گردي جي پٿري، هيپاٽائيٽس، اعصابي سور، نزلو، مٿي جي سور، مرگهي، سھڪي يا الرجي ۽ ڪينسر وغيره جي مريضن لاءِ پڻ شفاء رکي ٿي. هي بيڪٽريا کان محفوظ رکي ٿي، دل جي لاءِ تمام فائديمند آهي، شريان جي سختي ختم ڪري ٿي، ننڊ ڏياري ٿي، ڊپريشن ۽ جسماني ڪمزوري پڻ ختم ڪري ٿي. هن جو پاڻي اک جي ڦلي، اک ۾ پاڻي اچڻ ۽ اک جي روشنيءَ لاءِ فائديمند آهي. کنڀي کي سرنھن سان گڏ رڌي لپري ٺاهي سوڄ تي هڻڻ سان پڻ فائدو ٿيندو آهي.
سنڌ ۾ کنڀيون ٻن قسمن جون: کاڄرو (کائڻ واريون) کنڀيون ۽ ٻيون زهريليون کنڀيون ٿينديون آهن. کنڀيون عام طور برسات پوڻ کان پوءِ واريءَ جي دڙن، واهن جي ڪپن، ڇيڻن يا ڀاڻ جي ڍيرن، بھه جي دڙن، پلال جي کرن يا ڍيرن تي ٽن ڏينھن اندر اڀرنديون آهن. کنڀي نباتات جي هڪ ڌار گروهه (Kingdom Fungi) سان تعلق رکي ٿي، جن کي فنجاءِ يا سينور چوندا آهن. فنگس (Fungus) هئڻ جي ناتي هن ۾ ڪلوروفل يا سائو مادو نٿو ٺھي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ نه پاڙ نه ٿُڙ نه پن ٿين ٿا. تنھنڪري کنڀي پنھنجو کاڌو پاڻ تيار ڪري نٿي سگهي، پر هوءَ پنھنجي خوراڪ منفرد ۽ مضبوط خامرن يا عضون ذريعي بيڪار زرعي ۽ صنعتي مواد (Agricultural and industrial waste) کي ڳاري ساڙي حاصل ڪري ٿي.
سنڌ ۾ کنڀيءَ جا پاڻمرادو ڦٽندڙ ۽ پوکي سگهڻ جھڙا کاڄرو قسم به آهن. ڪجهه کنڀيون گرميءَ جي موسم ۾ ڦٽن ۽ واڌ ڪن ٿيون. سنڌ ۾ موافق ماحولياتي حالتون ميسّر هئڻ ڪري کنڀين جي پوک جا گهڻا ۽ بھتر امڪان آهن، جيڪڏهن هتي به ٻين ملڪن وانگر کنڀي پوکي وڃي ته ڪيترائي قسم پوکي سگهجن ٿا. ديسي کنڀي دنيا جي ٻين کنڀين کان مختلف آهي. هن قسم جي کنڀي، ٿر جي وارياسي زمين تي برساتن بعد ڦٽي نڪري ٿي. ديسي کنڀي جلد پچي ٿي ۽ پچڻ بعد هن جو ڳر ۽ ماس سفوف جي صورت وٺي هوا ۾ اڏامي ختم ٿي وڃي ٿو. ديسي کنڀيءَ جو قد 3 کان 9 انچ ۽ هن جو رنگ کيراڻ مائل ميرانجهڙو اڇو ٿئي ٿو ۽ ٽوپيءَ وارو مادو تھه دار ٿيندو آهي. هن جي حياتي 2 کان 3 ڏينھن آهي. ان کان وڌيڪ وقت بيٺي ته ڪاراٽجي ۽ مٿان ڪارو ٻورو ڀرجي وڃي ٿو. ديسي کنڀي عام حالتن ۾ کائڻ ۾ لذيذ پر دير سان هضم ٿيندڙ آهي. ان کانسواءِ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ کنڀين جا مختلف قسم ٿين ٿا، جيڪي پوکيءَ ذريعي پڻ حاصل ڪيا وڃن ٿا.
کنڀين جي هٿرادو پوک: سڀ کان پھرين چين ۾ کنڀين جي پوک جو تجربو ڪيو ويو، ان کان پوءِ ٻين ملڪن ان تي تجربا ڪيا ۽ هاڻي سنڌ ۾ کنڀيون هٿرادو نموني پوکيون وڃن ٿيون.


لفظ کنڀيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو