کنڀات سُر: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو هڪ سُر. هن سُر ’کنڀات‘ کي سُر ’کماچ‘ به چوندا آهن. چيو وڃي ٿو ته هن سُر تي اهو نالو اُن ڪري پيو آهي، جو گجرات رياست جي شھر کنڀات جي هڪ مشھور گويي اُن کي رچيو هو. هي سُر رات جو ڏهين بجي ڌاري ڳائبو آهي ۽ سُر کنڀات کي هند ۽ سنڌ جي ٿر ۽ راجستان ۾ ’کمڀاوتي‘ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو.
شاهه لطيف جي هن سُر ۾ انساني محبت جي اعليٰ قدرن واري ريت رسم ۽ ماحول جا اهڃاڻ شامل آهن. مجازي محبت ۽ نفس جي نادانيءَ جو فلسفو نھايت عُمدي نموني سمجهايل آهي. هن سُر ۾ شاهه سائينءَ سج، چنڊ، ڪتين، نکٽ، چوڏهينءَ جي چانڊوڪي، چؤماسي مينھن، وڻن ٽڻن، پکي پکڻ سڀنيءَ کي مثال بڻائي پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب: ”سنڌ جي محبت ۽ مجاز واري رسم روايت موجب، تنھن تي سچو رهڻ ۽ ڪشالو ڪڍي ڪيئن به ڪري محبوب واري ڏورانھين ماڳ تي پھچڻ لازمي سمجهي ٿو.“
شاهه سائينءَ جي هن سُر ۾ اُٺ، چنڊ، تارا، ڪتيون وغيره جا اهم تمثيل آهن. هيءُ سڄو سُر مجازي محبت جي اُپٽار ڪري ٿو. هن سُر ۾ محبوب جي ذاتي اخلاقي بلندي ۽ سندس حسن ۽ جمال جو بيان شامل آهي ۽ وصال بعد سڪ ۽ فراق جو عڪس پڻ ملي ٿو. ‘هن يا هن تاري’ هيٺ محبوب جي ماڳ واري طرف جو اهڃاڻ ڏنل آهي. تارا ڪتيون، سج، چنڊ سڀ سندس سڄڻ جي سونھن کان گهٽ ڄاڻايل آهن. هن سُر ۾ ڪل پنج داستان آهن. مختلف رسالن ۾ بيتن جو تعداد گهٽ وڌ آهي.
سھسين سجن اُڀري، چوراسي چنڊن،
بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانيان!
هن تاري هن هنڌ، هت منھنجا سپرين،
سڄڻ ماکيءَ منڌ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين!
آڻي ٻڌم وڻ جاءِ، مانَ مُکڙيون چري،
ڪُڌاتـورو ڪـرهـو، لِـڪيـو لاڻـي کـاءِ،
اِن مَيي سندي ماءِ، ڳالهڙين ڳوڙها ڪئو!