
کنوڻ
کنوڻ: اُڀ تي ڪڪرن ۾ مينھن دؤران پيدا ٿيندڙ بجليءَ جي چمڪاٽ کي ’ کنوڻ‘ يا وِڄ (Lightning) چئبو آهي. هي هڪ قدرتي عمل آهي، جيڪو برقي طور تي ٻن ڪڪرن ۽ ماحول جي وچ ۾ ساڪت بجلي (electrostatic) جي خارج ٿيڻ سان آسمان تي عارضي طور بجليءَ جي چمڪي جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. کنوڻ گجگوڙ ڪندڙ اُڀن ڪڪرن مان پيدا ٿيندي آهي. جنھن کي ’ڪيومولونمبس‘ (Cumulonimbus) چئبو آهي. کنوڻ جا ٻه عام قسم آهن: هڪ جو چمڪو ڪارن ڪڪرن سان ڍڪيل آسمان تي، ورن وڪڙن يا وڻن جي شاخن جي شڪل ۾ تيز بجليءَ سان ظاهر ٿئي ٿو، تنھن کي انگريزيءَ ۾ (Forked lightning) چئبو آهي، جنھن جي معنيٰ ڪانٽي/ڪنڊي نما روشني آهي. کنوڻ جي ٻئي قسم جي روشني آسمان ۾ ڪئمرا جي چمڪاٽ (Flash) وانگر ظاهر ٿئي ٿي، تنھن کي (sheet lightning) چئبو آهي. تحقيق وسيلي اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته آسمان مان اٽڪل ڏهه کرب ڪلو واٽ سالياني کنوڻ خارج ٿئي ٿي. کنوڻ جو چمڪو سيڪنڊ جي هڪ ننڍڙي حصي جيترو مس ٿئي ٿو، جيڪو اٽڪل 300 ملين وولٽ، 30،000 امپئر ۽ ٽي ميل ڊگهو ٿي سگهي ٿو.کنوڻ جي عمل دوران لاڳاپيل حد جي هوا شديد گرم ٿي تيزيءَ سان ڦھلجندي آهي ۽ آسپاس جي هوا سان ٽڪرائجڻ جي صورت ۾ آواز پيدا ٿيندو آهي، جنھن کي گوڙ يا گجگوڙ گاج چئبو آهي. گجگوڙ ڪندڙ ڪڪرن ۾ اٽڪل 30 ڪلو وولٽ في ميٽر جو ڪرنٽ پيدا ٿئي ٿو. ڪڪرن جي ڌرتيءَ واري پاسي واريون ڪاٽو چارجز، ڌرتيءَ تي واڌو چارجز گڏ ڪن ٿيون، نتيجي ۾ ڪڪرن مان چارجز ڪرنٽ جي شڪل ۾ ڌرتيءَ طرف وهڻ لڳن ٿيون، جنھن کي کنوڻ جو ڪِرڻ (Lightning strike) چئبو آهي. کنوڻ ڪرڻ دوران ٽي کان پنج هزار ايمپئر ڪرنٽ پيدا ٿئي ٿو. کنوڻ وچ آفريڪا، لاطيني آمريڪا ۽ ھماليه تي وڌيڪ ڪِري ٿي. ڌرتيءَ جي گرمي پد وڌڻ سان گڏ کنوڻ ڪِرڻ جي شرح وڌي آھي. تحقيق موجب،2100ع تائين لائيٽننگ اسٽرائيڪ يعني کنوڻ جي ڪِرڻ جا واقعا 35 سيڪڙو وڌي سگهن ٿا. کنوڻ ڪرڻ سان هڪ ڪيميائي ردعمل ذريعي نائٽروجن آڪسائيڊ گئس خارج ٿيندي آهي، جيڪا ماحول لاءِ خطرناڪ آهي. سنڌ ۾، خاص طور ٿر ۾گذريل ڪجهه سالن کان کنوڻ ڪِرڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. کنوڻ ڪرڻ هاڃيڪار آهي، تنھن ڪري اُن کان بچاءُ ضروري آهي.
ڪابه کُليل جاءِ کنوڻ جو نشانو ٿي سگهي ٿي.
بند ڪمرو يا بند گهر سڀ کان محفوظ جڳھه سمجهيا ويندا آھن.
کنوڻ دوران ڪمري ،ڪار يا گاڏيءَ جون دريون بند رکجن.
وڏن ۽ ڊگهن وڻن تي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کنوڻ ڪري آھي. سو جهنگ ۾ کنوڻ دوران وڏن وڻن ھيٺ ويھڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
دنيا ۾ ٻئي نمبر تي وڌيڪ کنوڻ پاڻي تي ڪِري آھي، تنھنڪري کنوڻ دوران ترائي يا پاڻي کان پري چوپائي مال کي به نه ڇڏجي ۽ پاڻ به پري رهجي.
جيئن ته کنوڻ به اليڪٽريڪل ڪرنٽ آهي، تنھنڪري بجليءَ جي مشينن ۽ پسرائيندڙ شين کان پري رهجي.
کنوڻ دوران بجلي جي ٿنڀن ۽ تارن کان پري رهجي.
کنوڻ دوران ٽيليفون/ موبائيل استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪجي.
ڪمري جي در يا دري مان مٿو ڪڍي کنوڻ جو منظر ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪجي.