کنجري (ساز): هي ساز گهڻو ڪري انب جي ڪاٺيءَ مان ٺھندو آهي. هن جي ويڪر اٺ کان ڏهه آڱريون ٿئي ٿي. هن کي ڪڇي چنگ وانگر هڪ پاسي کان چمڙو مڙهيل ٿيندو آهي. هن کي ساڄي هٿ سان جهلي، کاٻي هٿ سان ڌڪ/ ٿاپ هڻي وڄائبو آهي. هن جو آواز دهل جھڙو لڳندو آهي. سنڌي ڪڇي ڀڄن-ڪيرتن ۽ ست سنگ جي وقت هي ساز گهڻو وڄائبو آهي.