کلي

کلي

کلي

کلي: مالوند ماڻهو مال چارڻ وقت پاڻيءَ جي سھولت لاءِ کلي گڏ کڻندا آهن. ان کانسواءِ کلي کير ۽ گيھه وجهڻ لاءِ پڻ ڪم اچي. کلي مئل/ڪٺل جانور جي کل مان ٺاهي ويندي آهي. گهڻو ڪري ٻاڪري يا ريڍي مال جي سسي ڪنڌ وٽان ۽ پير مُرين وٽان ڪٽي، سسيءَ کان جسم طرف کل کي ڪاريگريءَ سان اهڙي نموني لاٿو ويندو آهي جو باقي کل کي ڪٿان به ڪو سوراخ نه ٿئي. تنھن کان پوءِ کل کي صاف ڪري، سڪائي ست ڏينھن اڪ يا ٿوهر جي ڦلھيار ۾ پوري ڇڏين، جڏهن چمڙو نرم ٿي ويندو، چنھبياريءَ ڪاٺيءَ جي مني کوڙي، ان تي کل کي گسايو ويندو آهي ته جيئن وار ۽ ماس وغيره ڇڻي ڌار ٿئي. تنھن کان پوءِ ٻٻر جا ڇوڏا ڪاڙهي، اُن جو رنگ ڏنو ويندو آهي. پيرن وغيره وارا سوراخ سبي بند ڪبا آهن. گهڻو ڪري رڳو سسيءَ وارو سوراخ کلو رکيو ويندو آهي، جنھن کي رسيءَ سان ٻڌو ويندو آهي. پاڻي ڀرڻ مھل ان کي ’اوئي‘ سڏين ۽ کير رکڻ مھل ’ايزڪ‘ چون. جيڪڏهن ان ساڳيءَ کلي کي گيهه وجهڻ لاءِ ڪم آڻڻو هجي ته منجهس مينديءَ جا پن، کور ۽ وڻ جو ڇوڏو وجهي، ڳچ ڏينھن تائين رکي ڇڏبو آهي پوءِ کل کي صاف ڪري، گيھه وجهڻ جي ڪم آڻبو. ان کي ڪوهستان ۾ ’زک‘ به سڏين.


لفظ کليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو