کسٿوري/کٿوري: هن کي سنڌيءَ ۾ مشڪ ۽ عربيءَ ۾ مسڪ سڏيندا آهن. پراڻي زماني ۾ ماڻهو خاص ڏهاڙن تي پنھنجي لباس تي خوشبو لاءِ کٿوري لڳائيندا هئا. هن قيمتي خوشبو جي دريافت جو ڪارنامو به چيني قوم جو چيو وڃي ٿو. سڀ کان عمدي مشڪ خراساني پوءِ چيني ۽ پوءِ هندستاني آهي. هي هڪ خوشبودار خشڪ ٿيل رطوبت آهي، جيڪا هڪ خاص قسم جي نر هرڻ جي ناف (دُن) ۾ ٺھندي آهي. دن جي ويجهو هڪ ننڍڙي ٿيلهيءَ ۾ هوندي آهي. دن جي ٿيلهي ۾ اندر ڪاري رنگ جا سرخي مائل داڻا ٿين، جنھن جي خوشبو وڻندڙ ۽ ذائقو ڪڙو هوندو آهي. چين جا هرڻ مشھور آهن، انهن جي دن مان اعليٰ قسم جي مشڪ نڪري ٿي. کسٿوري وارا هرڻ خاص جهنگلن ۾ اٺ کان ڏهه هزار فوٽ جي اوچائي تي ملن ٿا. جيڪي خاص ڪري چين، نيپال، گلگت ۽ روس جي مٿانھين جابلو علائقن ۾ رهن ٿا. هنن جي هاڻ باقاعدي فارمنگ ٿئي ٿي. هي ڀوري رنگ جا ننڍڙا هرڻ آهن. جن جا ڪن ڪافي ڊگها ٿين ٿا. قد اڍائي ٽي فوٽ، اڳيون ٽنگون ڪجهه ننڍيون ۽ پويون ڊگهيون هونديون آهن. نر هرڻ جا اڳيان ٻه ڏند نڪتل هوندا آهن. هرڻ کي ذبح ڪرڻ کان اڳ فوري طور تي مشڪ واري ٿيلهي کي رسي سان ٻڌندا آهن، جيئن واپس رت ۾ شامل نه ٿئي. کسٿوري ڪليجي جي رنگ جھڙي گهاٽي پاڻياٺ هوندي آهي جيڪا ڪڍڻ کان پوءِ هڪدم ڄميو سخت ٿيو وڃي. دُن ۾ بال وانگر ٿيلهي کل سميت ڪٽي سڪائي محفوظ ڪئي ويندي آهي. کسٿوري واري هرڻ جو شڪار منع آهي ۽ شڪاري لاءِ سخت سزائون آهن، پر مشڪ سون کان مھانگي هجڻ ڪري پئسن جي لالچ ۾ شڪاري شڪار ڪن ٿا. کل سميت دن ڪٽڻ ڪري هرڻ مريو وڃي. چين ۾ فارم آهن جتي مقرر وقت تي هرڻ جي دن مان کسٿوري سرنج ذريعي ڪڍي وڃي ٿي، ٻئي سال وري ناف پچي راس ٿئي ته ان مان وري مشڪ حاصل ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن هرڻ پنھنجو پيٽ سج جي روشني مان گرم ٿيل پٿرن تي رڳڙي ٿو ته ان جي دُن جو ڳوڙهو ڦاٽيو پئي ۽ مشڪ وهي پٿرن تي ڄميو وڃي. حڪيم اهڙن پٿرن کي کرڙي مشڪ حاصل ڪن ٿا. تبت، نيپال، ڪشمير، روس، چين ۽ سري لنڪا هن وقت سڀ کان وڌيڪ مشڪ پيدا ڪندڙ ملڪ آهن. مشڪ دل ۽ دماغ سميت سمورو عضون کي راحت ۽ قوت بخشي ٿي. غشي، اڌ رنگ، لقوه، مرگهي، ڊپريشن ۽ ماليخوليا ۾ اڪسير آهي. مشڪ مان بھترين عطر پرفيوم تيار ڪيا وڃن ٿا. هن جو سُنگهڻ زڪام ۽ مٿي جي سور لاءِ لاڀائتو آهي.