کرل ڍنڍ
کرل ڍنڍ: ضلعي ۽ تعلقي دادو ۾، دادو شھر کان اوڀر طرف کرل ڳوٺ وٽ، هيءَ ڍنڍ مقامي ماڻهن لاءِ تفريح سان گڏ روزگار جو چڱو ذريعو آهي. برسات وقت پاڻيءَ سان تار هوندي آهي. عام ڏينھن ۾ درياهي پاڻيءَ سان ڀرجندي رهندي آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇيءَ جو نيلام فشريز کاتو ڪندو آهي.