کاڻوٺ ڍنڍ

کاڻوٺ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ کاڻوٺ شھر جي اوڀر ۾ واقع آهي. روايت موجب اصلي کاڻوٺ شھر ڪنھن دؤر ۾ هاڻوڪي کاڻوٺ شھر کان اوڀر طرف هو، جنھن کي درياهه پائي ويو ۽ هيءَ ڍنڍ درياهه جي پراڻ آهي. تاريخي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته شاهه بيگ ارغون ٺٽي کان سيوهڻ ويندي هن ڍنڍ جي ڪناري رات رهيو هو. مٺي پاڻيءَ جي هن ڍنڍ ۾ مڇي گهڻي تعداد ۾ ملي ٿي. فشريز کاتي پاران هن ڍنڍ کي هر سال نيلام ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو