کاهوڙي

کاهوڙي (سُر): هي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو هڪ سُر آهي جنھن ۾ انهن جفاڪش ۽ جاکوڙي ڪردارن جا اهڃاڻ ڏنل آهن، جيڪي ڪشالا ڪري جهنگ، جبل ووڙي، وڏي همت ۽ حوصلي سان ڏٿ گڏ ڪندا هئا. هن سُر تي مضمون جي لحاظ سان اهو نالو پيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب: ’کاهوڙي‘ اهو پورهيت آهي، جيڪو ’کاهو‘ يا ’کھو‘ کڻي ۽ هڻي، اورچ ٿي لڳي ۽ ڪنڊن وارو ڏکيو جهنگ وڍي صاف ڪري. پورهيي جي لحاظ سان، ’کاهوڙي‘ اهو جيڪو وڏو جفاڪش ۽ اڻ- ورچ هجي، جيڪو ڏکيون ڀيڻيون ڳولي، جهر جهنگ جهاڳي، جبل جانچي ۽ اڻ ڏٺل جاين تان وڃي ڏٿ گڏ ڪري.
کاهوڙي ۽ ڏٿ، اعليٰ انسان ۽ اعليٰ مقصد جي تمثيل آهن. کاهوڙي اهي باهمت ۽ اورچ انسان آهن، جيڪي ڪشالا ڪڍن ٿا، سختيون سھن ٿا ۽ ڏکن ڏاکڙن کان بي نياز ٿي، ڪنھن اعليٰ مقصد خاطر پاڻ پتوڙين ٿا ۽ آخر ان اعليٰ مقصد کي حاصل ڪن ٿا. هن سُر ۾ ڪُل ٽي داستان آهن، جن مان داستان پھرئين ۾ حق واري اعليٰ منزل ڏانھن وک وڌائيندڙ ’کاهوڙي‘ جا اهڃاڻ ڏنل آهن. انهن جا اهڃاڻ اهي آهن جو، هنن آرام ڦٽو ڪيو، سک ڪين ستا ۽ کين هميشه حق ۽ سچ جي ڳولڻ جو اوسيئڙو رهيو.
داستان ٻئين ۾ انهن ’خفتي کاهوڙين جا پار ڏنل آهن جن گنجي ٽڪر کي ڏوريو ۽ ووڙيو، ۽ انهيءَ ووڙ مان لوچي لاهوتي ٿيا. هن داستان ۾ سچا کاهوڙي اتي ٿا پھچن جتي پکيءَ جو پير ڪونهي. ڏٿ سان کين اهڙو نينھن لڳل آهي جو پيا لڪ ۾ لوساٽجن ۽ ڏونگر ڏورين.
داستان ٽئين جي پھرئين ڀاڱي ۾، کاهوڙين جو ڏونگر ۾ واٽون ڀلجڻ، اواٽ ٿيڻ ۽ وري اچي واٽ وٺڻ وارو منظر سمايل آهي. ان ۾ شاهه لطيف راهه ۽ بي راهه ٿيڻ واري تجربي، ڳولڻ ۽ منجهڻ واري ڪيفيت ۽ منجهي وري لھڻ واري نفسياتي تجزئي بابت اهڃاڻ ۽ اشارا ڏنا آهن. ان کانسواءِ واٽ وڃائي، اواٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه پرائڻ جو ذڪر ڪيل آهي. داستان جي پوئين ڀاڱي ۾ ’جهنگل ۽ آهيڙين‘ جا پڻ اهڃاڻ ڏنل آهن.
سُر کاهوڙيءَ جو هڪ پھلو هي به آهي ته شاهه لطيف اهڙن پختي ارادي وارن اڏول انسانن جي ڳالھه ڪئي آهي، جيڪي پنھنجو مقصد ماڻڻ لاءِ سور سختيون سھي، بنا ڪنجهڻ ڪرڪڻ جي، انگ اگهاڙا ۽ پيٽ پٺيءَ لڳائي به وڃي پنھنجي حقيقي منزل ماڻيندا آهن. هن سر ۾ شاهه لطيف انهن ماڳن مڪانن جو به ذڪر ڪيو آهي. جيڪي مختلف هنڌن مان نڪري ڦرندي اچي هنگلاج پھچندا آهن.
”هن سُر ۾ شاهه صاحب گنجي ٽڪر جي واکاڻ ڪئي آهي. ڇو ته انھيءَ ٽڪر رستي ئي هو ڪن جوڳين جي سنگ ۾ هنگلاج جي تيرٿ تي ويو هو.“ سُر کاهوڙي ۽ رامڪليءَ جو فڪر لڳ ڀڳ ساڳيو ئي آهي.
سُر کاهوڙيءَ ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد مختلف رسالن مختلف ڏنل آهي. سُر کاهوڙيءَ مان بيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
کاهوڙين ’خفيءَ‘ کان سوجهي لڌو سبحان
عاشق اهڙين اکرين لنگهئا لامڪان
’هو‘ ۾ گڏجي ’هو‘ ٿيا بابو سي بريان
سڀوئي سبحان، آيو نظر اُنِ جي


هن صفحي کي شيئر ڪريو