
کانڀاڻي
کانڀاڻي: هي فصل مان جهار هڪلڻ لاءِ رسيءَ مان ٺھيل هڪ قسم جو هٿيار آهي. فصل پچڻ کان اڳ ۾ جڏهن سنگ اَنُ يا داڻن سان ڀرجڻ شروع ٿيندو آهي ته پکي پکڻ ان داڻي/اَنُ کي کائڻ لاءِ ايندا آهن، جنھن کي جهار چئبو آهي. جهار هڪلڻ لاءِ هاري ماڻهو کانڀاڻي ٺاهيندا آهن. جنھن کي ٿري ماڻهو ’گوڦَڻَ‘ ۽ ڪوهستان ۾ گُهٻڻ چون، چار پنج فوٽ رسيءَ جي پوري وچ تي 6 انچ ٿلهي ڪپڙي، ٽائر جي ٽيوب يا چمڙي جو پٽو وجهن، جنھن کي ڇڪو چئبو آهي. رسيءَ جو هڪ ڇيڙو ٿورو وڏو ۽ ٻيو ٿورو ننڍو ٿي بيھندو، ننڍي ڇيڙي ۾ ريشم جا ڌاڳا گُڇي جي صورت ۾ جُڙيل هوندا آهن. وڏي ڇيڙي کي آڱرين تي ور ڏئي ڇڪي ۾ مٽيءَ جو کڙو يا پٿر وغيره وجهي ٻئي ڇيڙا گڏائي پوءِ تيزيءَ سان گهمائي گهمائي ننڍو ڇيڙو اهڙيءَ ريت ڇڏيو ويندو، جو ڇڪي ۾ وڌل کڙو چٽيل نشان تي وڃي لڳندو ۽ رسيءَ جي ريشمي ڌاڳن مان ٺڪاءُ جو آواز نڪرندو. ان مان نڪرندڙ ٺڪاءُ تي اوسي پاسي موجود پکين ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويندي ۽ اهي اڏامي ويندا. کانڀاڻي ۾ وجهڻ لاءِ کڙو نه رڳو چيڪي مٽيءَ مان ٺاهيو ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ پڪو ڳوڙهو به استعمال ڪندا آهن. ڪي ڪي چُٽير اهڙا تجربيڪار ٿين ٿا جو انھن جو ڳوڙهو سڌو نشاني تي وڃي لڳندو آهي ۽ پکي مري پوندو آهي. عام طور کانڀاڻي پکي مارڻ لاءِ نه پر فصل تان جهار اُڏارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ هٿيار آهي.