ڦوڳ لوڪ ڪردار

ڦوڳ (لوڪ ڪردار): سنڌ جي نيم تاريخي داستان مارئيءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڦوڳ مارئيءَ جي پيءُ پالڻي وٽ نوڪر هو، جيڪو هارپي يا مال چارڻ جو ڪم ڪندو هو. روايتن موجب مارئي سامائي تہ ڦوڳ جي مٿس دل ٿي ۽ پوءِ مارئيءَ جي پيءُ کان مارئيءَ جي سڱ جي گُهر ڪيائين. پالڻو ڦوڳ جي چال چلت مان خوش نہ هو، ان ڪري ڦوڳ کي سڱ جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ۽ گهر مان بہ ڪڍي ڇڏيائينس. هن مارئيءَ جو سڱ پنھنجي عزيز کيتسين کي ڏيڻو ڪيو. ڦوڳ ساڙ وچان وير وٺڻ لاءِ عمرڪوٽ پھتو ۽ وقت جي بادشاھہ عمر سومري اڳيان مارئيءَ جي سونھن بابت ٻڌايائين. عمر ڪجهہ ڏينھن جي تياريءَ بعد ڦوڳ کي ساڻ ڪري مارئيءَ کي سندس ڳوٺ مان کوھہ تان پاڻي ڀريندي ڏسي، اُتان کڻي اچي عمرڪوٽ ۾ قيد ڪيو. ڦوڳ حسد ۽ چغلخوريءَ واري انھي ڪُڌي عمل سبب تاريخ ۾ اڻ وڻندڙ ڪردار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو