
ڦول گلي
ڦول گلي: حيدرآباد شھر جي مک مارڪيٽ، ٽاور مارڪيٽ ۾ هڪڙي گهٽي آهي، جيڪا مُک بازار مان اوڀر طرف نڪري ٿي. جنھن کي هن وقت ’کدڙا گلي‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو. آڳاٽي دؤر ۾ ڦليليءَ جي آسپاس ۽ ٻين هنڌن تان مختلف قسمن جا گُل هتي آندا ويندا هئا ۽ هيءَ گلن جي وڏي مارڪيٽ هوندي هئي. اتان ئي مختلف شھرن ۾ گلن جو ڪاروبار ٿيندو هو. اڳتي هلي اُتي گلن جو ڪاروبار گهٽ ٿي ويو، پر جيئن تہ اتي ڪافي تعداد ۾ کدڙا رهندا هئا ان ڪري ان گهٽيءَ جو نالو کدڙا گلي بہ سڏجڻ لڳو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ انهيءَ گهٽيءَ ۾ چانھه جي هوٽل کلي جيڪا ڏاڍي مشھور ٿي. ڦول گلي حيدرآباد شھر جي مشھور گلين مان هڪ آهي.