
ڦوسڙي
ڦوسڙي (پکي): چھچ ڪارڙيون، ڪريمي ۽ ڀورڙي رنگ واريون ڦوسڙيون، جهرڪي جيتريون يا وري ان کان بہ ٿوريون ننڍڙيون ٿين ٿيون. هي پکي ٻيلن، باغن، فصلن ۽ انساني آبادين جي ڀرپاسي ۾ رهندو آهي جتي وڻن، سرن، ٻوٽن، پٿريلين ماڳن ۽ ميدانن ۾ پنھنجي پڇ سان هيٺ مٿي ڀڙڪا کائيندي گهمندو آهي. هونئن تہ هي سڄي دنيا ۾ موجود آهن پر پاڪستان، ڀارت، ڀوٽان، نيپال، افغانستان، ڪشمير، بنگلاديش ۽ سري لنڪا جي هر علائقي ۾ جهجهي تعداد ۾ رهي ٿو. مختلف هنڌن تي کيس نالانچي، دايال، ڪڪوري ۽ڪريٿا پڻ سڏيو وڃي ٿو جڏهن تہ انگريزي زبان ۾ ان کي رابن سڏيو ويندو آهي.
ڦوسڙيون گهڻو ڪري ننڍا جيت ۽ ڪيڙا وغيرہ کائينديون آهن پر جڏهن سندن ٻچا پرورش هيٺ هوندا آهن تہ ڏيڏرن ۽ ڪرڙين جا ننڍڙا ٻچا بہ ڳھي وينديون آهن. هي پيالي جھڙا تمام سھڻا آکيرا ٺاهينديون آهن. اهي وڻن جي ٽارين ۾ ابتا ٽنگيل هوندا آهن. جيڪي مٿان ڍڪيل ۽ هيٺان اچڻ وڃڻ لاءِ کليل هوندا آهن. ڪٿي ڪٿي هي پنھنجا آکيرا گهر جي ڀتين جي سوراخن جي پورن، وڻن، ٻوڙهن ۽ ڇنن ۾ بہ ٺاهينديون آهن.