ڦودنو

ڦودنو

ڦودنو

ڦودنو (Mint): ڦودنو هڪ اهم خوشبودار ٻوٽو آهي، جيڪو مصالحي طور طعام جي ذائقي وڌائڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. هيءُ ٻوٽو فوٽ کن جو ٿيندو آهي. ان جون ٽاريون سنهيون ۽ پن ساوا هوندا آهن. هن هلڪي خوشبو دار ٻوٽي جو ذائقو جوهر وانگر هوندو آهي. ڦودني جا پن ۽ چوٽيون ڪٽي ڪيترن ئي طعامن ۾ ذائقي طور استعمال ڪيا ويندا آهن. ڦودني کي چٽڻي، آچار، رائتي ۽ سوپ ۾ بہ ڪم آڻبو آهي. هي فصل وچولين گرم علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو. گرميءَ جي موسم ۾ هي ٻوٽو سرسبز رهي ٿو ۽ سياري ۾ واڌ ڪنھن قدر گهٽ ٿئي ٿي. پر تنھن هوندي بہ ڦودنو سال جي ٻنهي موسمن جو اثر برداشت ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿو. ڦودني جا ڪيترا ئي قسم ٿين ٿا، جن ۾ جابلو ۽ ميداني ڦودنو عام آهي. ڦودنو سال جي ٻنهي موسمن ۾ لڳائي سگهجي ٿو، پر فيبروري ۽ مارچ ۾ پوکڻ سان وڌيڪ پيداوار ڏئي ٿو. هيءُ فصل پاڙن ذريعي پوکيو وڃي ٿو. ڦودنو سڌي زمين يا کرين تي بہ پوکيو ويندو آهي.


لفظ ڦودنوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو