ڦل شھر

ڦل شھر

ڦل شھر

ڦل (شھر): هي شھر، تعلقي ۽ ضلعي نوشھري فيروز ۾، نوشھري فيروز شھر کان 11 ڪلو ميٽر ڏکڻ- اوڀر طرف آهي. شھر واري جاءِ تي 300 سال اڳ رهائشي آباديءَ جا آثار ملن ٿا. پاڪستان جي قيام کان اڳ ڦل ۽ وڳڻ ذاتين جي ماڻھن ٻيھر آباد ڪيو. اڳتي هلي ڦل ذات جي گهڻائيءَ جي ڪري سندن نالي پويان هي شھر سڏجڻ لڳو. 1962ع ۾ هن شھر کي يونين ڪائونسل جو درجو مليو. هي شھر پڊعيدن، سڌوجا- موري ۽ نوشھري فيروز سان روڊن ذريعي ڳنڍيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو