ڦتو فقير: صوفي شاعر ڦتو فقير، جهوڪ شريف جي گادي نشين فضل ﷲ شاھہ قلندر (وفات 27 جمادي الثاني 1242ھہ/26 جنوري 1827ع) جو طالب هو. هن جي پيدائش ۽ وفات جو سن معلوم نہ ٿي سگهيو آهي. ڦتوءَ جي هڪ ڪافي صوفي صديق فقير جي راڳنامي ۾ شامل آهي، جيڪا درگاھہ جهوڪ شريف تي ٿيندڙ سماع ۾ ڳائي وڃي ٿي ۽ سندس هڪ ڪافي (روپ) پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق جي قلمي ذخيري مان بہ ملي آهي.