
ڦتن پُرسواڻي
ڦتن پُرسواڻي: ڦتن پُرسواڻيءَ جو اصل نالو ڦتنداس ڪمنداس آهي. سندس جنم 27 جولاءِ 1933 تي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. گهر ۾ علمي ادبي ماحول هئڻ ڪري منجهس لکڻ جو چاھہ پيدا ٿيو. ورهاڱي دوران سندس گهر وارا لڏي هندستان هليا ويا. 1951ع ۾ ڦتن پرسواڻي ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون. هُن مراٺي ۽ بنگالي ادب جون لکڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيون. سندس ڪھاڻيون گجراتي، مراٺي، هندي ۽ مَليالم ۾ ترجمو ٿيل آهن. پاڻ ’پرڀات پبليڪيشن‘ جو بانيڪار پڻ هو، ماهوار مخزن ’سناتن سارٿي‘ جو 12 سال ۽ رِزروَ بئنڪ جي مخزن ’الڪا‘ جو پڻ ايڊيٽر رهيو.سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’مھراڻ موتي‘ (گيتانجليءَ جو سنڌي ترجمو، 5 ڀاڱا)، ’رجنيش وارتائون‘ (گرو رجنيش کان متاثر ٿي لکيل ڪھاڻيون، 1998ع)، ’جيڪي ڏٺو مون‘ (ڪھاڻيون)، ’من ولوڙ‘ (آتم ڪھاڻي)، ’ويچار وارتا‘ (خاڪا)، ’سنڌي ناول جو دؤر‘ (1959ع)، ’اکنڊ جوتيون‘ (ڪھاڻيون)، ’چئن يُڳن جون ويھه ڪھاڻيون‘ (ڪھاڻيون)، ’سرمالا‘ (ڪوتائون 1972ع)، ’آکاڻيون عجيبن جون‘ (قصا/چوڻيون 1992)، ’ڏيئا ٻرن شنک وڄن‘ (سمرتي چترا جو ترجمو 1993)، ’گَڻ ديوتا‘ (ڪھاڻيون 1994ع)، ’گيت گنگا‘ (ترجمو، رابندرناٿ ٽئگور جا گيت 1995) ’مھر سندو مينھن‘ (3 ڀاڱا)، ’نست شرومڻي ديوان ڪرم چند صاحب‘ (ڪٿا، 1997ع)، ’ٻڌ ڪٿائون‘ (گوتم ٻُڌ جي ڪٿا، 1999ع) ۽ ’مانسرور جا موتي‘ (1970ع) شامل آهن. روزاني ’هندو‘، هفتيوار ’هند واسي‘ ۽ ماهوار ’ڪونج‘ ۾ پڻ ڪالم لکندو رهيو. ڪتاب ’مانسروور جا موتي‘ سندس نياڻي ماڌري سروجني ڪُڪريجا ترتيب ڏنو. هن جو 20 فيبروري 2003ع تي لاڏاڻو ٿيو.
1933.07.27 عيسوي
ڦتن پُرسواڻيءَ جو اصل نالو ڦتنداس ڪمنداس آهي. سندس جنم 27 جولاءِ 1933 تي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
2003.02.20 عيسوي
ڦتن پُرسواڻي 20 فيبروري 2003ع تي وفات ڪئي.