
ڦاروا
ڦاروا: هڪ قسم جو کٽو مٽو ميوو. هن کي گجراتيءَ ۾ ڦالسه، سنسڪرت ۾ پروسڪ، بنگاليءَ ۾ فلوسه، اردو ۽ انگريزي ۾ فالسه Phalsa چئبو آهي. هن جو سائنسي نالو Grewia Asiatica آهي، جيڪو پلانٽ ڪنگڊم جي خاندان Tiliaceae سان واسطو رکي ٿو. ڦاروي جو ٻوٽو ٻن قسمن جو ٿيندو آهي، شربتي ڦاروو ۽ شڪري ڦاروو. شربتي ڦاروو پھرين کٽو ۽ پوءِ مٺو ٿئي ٿو، جنھن ۾ پاڻيءَ جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي. سنڌ ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ پر پنجاب جي احمدپور ۽ ٻين علائقن ۾ بہ جام ٿئي ٿو. شڪري ڦاروي ۾ پاڻي گهٽ هوندو آهي. پھرين هي کٽو مٺو پر پوءِ مٺو ٿي وڃي ٿو. هن جي کل ۽ ميوو حڪمت جي ڪم اچي ٿو . هن جو ميوو ڇاپرو ٻير جيڏو ٿيندو آهي، جڏهن ڪچو هوندو آهي تہ سائو ۽ پچڻ کان پوءِ گهِرو نيرو يا ڪاراڻ مائل ٿي وڃي ٿو. پن توت کان بہ وڏا ۽ ڪنارن تي لڪيرون هونديون اٿس. گل هيڊاڻ مائل ڳاڙهو هوندو آهي. هي مارچ جي آخر کان آگسٽ تائين ميوو ڏي ٿو، ڦاروا گرميءَ لاءِ تمام گهڻا مفيد ۽ فرحت بخش آهن. سائي ۽ ٻين بيمارين لاءِ بہ فائديمند آهن.