ڏڦير

ڏڦــير: دراوڙي نک جي هڪ ذات، جيڪي ڏڦي سان شڪار ڪندا هئا. پراڻي دؤر ۾ ماڻهن جو گذرسفر شڪار تي هوندو هو. زرعي سماج ۾ بہ هي ذات زراعت سان گڏ شڪار سان وابستہ رهي. ڪچي ۾ سوئر جو شڪار ڏُڦي سان ڪندڙن کي ڏُڦير چوندا آهن. جڏهن تہ منڇر ۾ ڏُڦي سان مڇي ماريندڙ هاڻي رهيا ڪونه آهن، پر جڏهن هئا تہ اهي شيخ سڏبا هئا. ڏڦير هندن توڙي مسلمان ۾ ٿين. ٿر ۾ مينگهواڙن جو هڪ پاڙو بہ ’ڏڦير‘ آهي. ماڇين مان جيڪي ڏُڦي سان سوئر کي مارين، تن کي بہ ڏُڦير چوندا آهن.


لفظ ڏڦيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو