ڏُونگري

ڏُونگري: هي ڳوٺ تعلقي ننگرپارڪر جي ديھہ ساڏورس ۾ ڪارونجهر جي هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي. پارڪريءَ ۾ جبل کي ڏونگر ۽ ٽڪريءَ کي ڏونگري چوڻ ڪري، هن ڳوٺ تي ڏونگري نالو پيو. آڳاٽي زماني ۾ ڏونگري هڪ وڏو شھر هو، جنهن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڏونگريءَ جي پاسي ۾ موجود ٽڪريءَ ۾ قديم دور جو هڪ ڀوئنرو آهي، جيڪو هينئر ڊٺل حالت ۾ موجود آهي. هن ڳوٺ ۾ برهمڻ، ڪولهي، مينگهواڙ ذاتيون آباد آهن. هتي عبدالله شاھہ جي درگاھہ مشھور آهي. ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول آهن. 1971ع جي هند پاڪ جنگ دوران هن ڳوٺ جي مهراجن جي گهڻي آبادي هندستان لڏي وئي. پارڪر جي مشھور تعليمي شخصيت ناگجي مل مهراج جو تعلق بہ هن ڳوٺ سان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو