ڏيپلائي عبدالرحمان

ڏيپلائي عبدالرحمان

ڏيپلائي عبدالرحمان

ڏيپلائي، عبدالرحمان: مشھور عالم ۽ اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي فرزند، اديب ۽ صحافي عبدالرحمان ڏيپلائيءَ، 4 جنوري 1946ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ 1962ع ۾ ڪيائين. ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ ايل. ايل. بي 1978ع ڌاري ٺٽي ڪاليج مان ڪيائين. 1968ع ۾ ٺٽي ۾ فئملي پلاننگ آفيسر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ سوشل سيڪيورٽي کاتي ۽ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ انسپيڪٽر مقرر ٿيو. 1974ع ۾ سنڌ روڊس ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ٽريفڪ مئنيجر ٿيو. جنهن بعد رورل ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 1976ع ڌاري مارڪيٽنگ آفيسر رهيو. وري فلور ملنگ ڪارپوريشن ۾ مئنيجر ٿيو، 1977ع ۾ پاسڪو ميهڙ ۽ شھدادپور ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر رهيو. 1980ع کان 1988ع تائين سعودي ٽيليفون کاتي، رياض، سعودي عرب ۾ اهم عهدي تي رهيو. هن والد سان گڏجي سنڌ ٽائيمس، هفتيوار انسان، ماهوار وطن ڊائجيسٽ جاري ڪيا.
ٻہ پريسون: اسلاميہ پرنٽنگ پريس ۽ قرآن پرنٽنگ پريس هلايائين. رورل ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ مان 4 جنوري 2006ع تي رٽائر ٿيو. هن وقت هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي. 19 جولاءِ 1985ع تي پنھنجي سؤٽ شھناز قاضيءَ سان شادي ڪيائين. اولاد ۾ ٻہ پٽ ۽ چار ڌيئرون اٿس.
عبدالرحمان ڏيپلائيءَ جا مضمون ۽ ڪهاڻيون روزانہ جنگ ۾ ’ناقابل فراموش‘ جي عنوان هيٺ ۽ اخبار جھان سميت روزاني عبرت جي ادبي صفحي ’تخليقڪار‘ ۾ شايع ٿيا آهن. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي روزانہ سنڌ ٽائيمس ۾ چيف رپورٽر بہ رهيو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.01.04  عيسوي

عبدالرحمان ڏيپلائيءَ، 4 جنوري 1946ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


2006.01.04  عيسوي

عبدالرحمان ڏيپلائي رورل ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ مان 4 جنوري 2006ع تي رٽائر ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيف ﷲ خان مگسي
شھريار خان مھر
پير ڪمال ڪمال فقير
جھانگير خان
ڪليم ﷲ لاشاري ڊاڪٽر
سڀاش چندر بوس
خواجہ محب علي
رمضان بلوچ
اگهم راجا
ابڙو جمال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون