ڏينهن ٻڌڻ ڏينهن چٽا ڪرڻ

ڏينهن ٻڌڻ/ ڏينهن چٽا ڪرڻ (رسم): هيءَ سنڌ جي قديم رسم آهي. ڏينهن ٻڌڻ يا چٽا ڪرڻ جو مقصد شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪرڻ آهي. ڪن هنڌن ان کي تِٿ ٻڌڻ يا تاريخ ٻڌڻ بہ چون ٿا. هن رسم ۾ گهوٽ جا مائٽ، جن ۾ گهوٽ جا ويجها عزيز هڪ ٻہ مرد ۽ ڪجهہ عورتون گڏجي ڪنواريتن وٽ ويندا آهن، جتي ڪنواريتا پنھنجي ويجهي برادريءَ وارن کي ڪوٺ ڏيئي گهرائيندا آهن، پاڻ ۾ صلاح مصلحت کانپوءِ گهوٽيتن کي شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪري ڏيندا آهن. هن رسم جو خرچ، جيڪو ڪنواريتن ۾ مانيءَ جو ٿيندو آهي. اهو اڪثر ذاتين ۾ گهوٽيتا ڀريندا آهن. گهوٽيتن طرفان ڏينهن وٺڻ وقت خوشيءَ ۾ کارڪون ورهايون وينديون آهن. ٻنهي ڌرين جون عورتون گڏجي سهرا چونديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو