ڏيرو محمد موسيٰ

ڏيرو، محمد موسيٰ: نامور سگهڙ، شاعر ۽ سماج سڌارڪ فقير محمد موسيٰ ڏيري جو جنم 1910ع ڌاري ڳوٺ ملدسي تعلقي شھدادپور ۾ ٿيو. ديني تعليم ۽ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد پنهنجو اباڻو پيشو زمينداري اختيار ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان ئي سگهڙن جون ڪچهريون ٻڌڻ جو شوق هوندو هو. سندس ملاقات وقت جي مشھور سگهڙ ٻيڙي فقير ۽ مشھور شاعر محمود شيخ سان ٿي، جن جي صحبت ۾ رهي سندس شاعريءَ طرف لاڙو وڌيو. جنهن کانپوءِ پاڻ بہ ڏور بيت چوڻ لڳو ۽ سندس شمار بہ سٺن شاعرن ۽ سگهڙن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس ڏور بيت ۽ شاعري اڄ تائين محفلن ۾ چئي ويندي آهي. هن پنھنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، جن ۾ پاڻيءَ جا کوھہ کوٽايائين، پاڻي جي نيڪالي لاءِ ناليون بہ پنھنجي خرچ تي ٺهرايائين. هن 14 مئي 1964ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ملان مکڻ ويجهو تاريخي قبرستان سايات ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو