ڪوٽڏيجيءَ جو دڙو

ڪوٽڏيجيءَ جو دڙو

ڏيجيءَ جو دڙو

ڏيجيءَ جو دڙو: ڏيجيءَ جو دڙو قومي شاهراھہ تي خيرپورميرس شھر کان 15 ميل ڏکڻ ۾ '21 °27 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ '42 °68 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ڪوٽڏيجي شھر لڳ موجود آهي. هن ڪوٽ جي ماپ 600x400 فوٽ ۽ اوچائي 40 فوٽ ٿيندي. هن ماڳ جي کوٽائي ڊاڪٽر ايف. اي خان جي سربراهيءَ ۾ ٿي. هن کوٽائيءَ لاءِ خيرپور جي هزهائينس 20000 روپيا امداد ڏني هئي. کوٽائيءَ جي شروعات نومبر 1955ع ۾ هڪ مهيني لاءِ ٿي. ٻي کوٽائي آڪٽوبر 1957ع کان ڊسمبر 1957ع تائين هلي. کوٽائيءَ لاءِ ٻہ ايراضيون منتخب ڪيون ويون. ايراضي ’A‘ دڙي جي چوٽي ۽ دڙي جي اڀرندي لاهي وٽ، جيڪا 160x40 فوٽ ماپ جي هئي. ٻي ايراضي دڙي جي تري وٽ اڀرندي حصي تي، جيڪا 160 فوٽ ڊگهي ۽ 140 فوٽ ويڪري ماپ جي هئي. دڙي جي اڀرندي لاهيءَ وٽ پهرين کوٽائي 1955ع ۾ ڪئي وئي. دڙي جي ڪنارن کان تري تائين دڙو کوٽي ڏٺو ويو. پر انهيءَ سال کوٽائيءَ دوران دڙي جي وچ مان تري تائين دڙي جي کوٽائي ڪانہ ٿي سگهي هئي. هيءُ ماڳ ٻن اهم حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصو شھر جو، جنهن ۾ حڪمران طبقو رهندو هو، ٻيو حصو پهرين حصي کان ٻاهر جو، جنهن ۾ ڪمي ڪاسبي ۽ عام ماڻهو رهندا هئا. جيئن تہ هتان 1957ع واري ٻي کوٽائيءَ دوران هڙپا ثقافت سان گڏ ڪجهہ ٻيون وٿون بہ مليون آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(1) مٿين سنوت (Level) جي تھہ نمبر 1 کان 16 تائين کوٽائيءَ مان جيڪي وٿون مليون، اهي پڪي (Mature) هڙپائي دور جون هيون.
(2) جيئن تہ ”3-A“ تھہ مان نڪتل ثقافتي وٿن ۾ تبديلي محسوس ٿي. هي اهو تھہ آهي، جتان کان مٿي دڙي جي چوٽيءَ تائين هڙپائي دور جون وٿون مليون ۽ هتان کان هيٺ نئين قسم جي ٺڪر جي صنعت شروع ٿي، جيڪا تھہ نمبر 16 تائين هلي. تھہ نمبر 16 ٽڪريءَ تي تري وارو تھہ آهي. اهو دڙي جي اوائلي والار وارو تھہ چئبو، جو ان کان هيٺ ڪابہ ثقافتي وٿ نہ ملي نہ ملندي، جو اتي پاهڻي سطح باقي آهي.
(3) نئين اڻ سڃاتل ٿانون واري تھہ کان اڳ سنڌو تھذيب جي دور جو قلعي بند شھر ظاهر ٿيو.
(4) شھر جو ٻاهريون حصو، قلعي بند ايراضيءَ تائين وڌيل هو، جنهن جا ڪجهہ حصا هاڻي قومي شاهراھہ جي هيٺان ۽ ٻنين ۾ اچي ويا آهن.
(5) اڳ هڙاپائي (Pre Harappan) والارجي ڪٽيءَ (Deposit) جو ٿلهو تھہ نشاندهي ڪري ٿو تہ اهو خطو موهين جي دڙي واري ثقافت رکندڙ ماڻهن کان مختلف ماڻهن جي والار هيٺ هو، جيڪي هڙپائي دور جي ماڻهن جي اچڻ کان 3 صديون کن اڳ نهايت مهذب ۽ خوشحال زندگي گهاريندڙ هئا.
(6) اتان جي رهاڪن وٽ ساديون، پر سٺيون ۽ مضبوط ڪچيون جايون ۽ پٿر جي بنياد سان اڏڻ جو نظام هو. هو ٿانون چڪ تي لاهيندا هئا، جن جو ڪنهن بہ طرح موهن جي دڙي جي ٿانون سان ميل ڪونه هو. هنن وٽ پٿري اوزار ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا، جتي هو ڏڦا، تيرن جا ڦر ۽ اَڻيون وغيرہ ٺاهيندا هئا. اهي پاهڻي اوزار ڪوٽڏيجي ٺڪراٺي سان گڏ مليا آهن. انهن وٽ شين ٺاهڻ جو پنهنجو هنر ۽ انداز هو.
(7) ڪوٽڏيجي وارن ڪافي عرصي تائين شھري ايراضيءَ کي پنھنجي والار هيٺ رکيو، ڇو تہ ان قسم جي والار جا 13 تھہ مليا آهن، جيڪي ڪچين جاين جي ڀنجوءَ وغيرہ تي مشتمل آهن. خاص طور تي تھہ نمبر 11 ۽ 12 اڏاوتي وٿن وارا تھہ آهن.
(8) شھر جي والار جا پنج تھہ ٻڌائين ٿا تہ ماڻهو گهڻو عرصو شھر پناھہ/قلعي بند ايراضيءَ ۾ رهيا، تمام ٿورو عرصو بنا قلعي بند ۾ گذاريو اٿن.
(9) شھر جو قلعو، جنهن جا برج ٽڪري جي مٿان پٿرن ۽ ڪچين سرن جا ٺاهيا ويا هئا. ٻاهرين مهاڙيءَ کي اري سان لنبيو ويو هو.
(10) قلعي جون ڀتيون ڪوٽڏيجيءَ جي پوئين دور ۾ رهائشي استعمال نہ هئڻ سبب ڪري پيون، جڏهن تہ چوٽيءَ جون اڏاوتون رهائشي مقصدن لاءِ استعمال ڪيل ٿي ڏسجي.
(11) اهڙي قسم جا ڪيترا ثبوت موجود آهن تہ موهن جي دڙي وارا جڏهن هتي آيا تہ هنن نہ رڳو قلعي بند ايراضي ءَکي والاريو، پر پنھنجي رهائش لاءِ ٻاهر بہ ڪافي والار ڪئي.
(12) هڙپائي دور جو ٺڪراٺو تھہ نمبر 1 کان تھہ نمبر 4 تائين قلعي بند ايراضيءَ کان ٻاهر واري ايراضيءَ مان بہ کوٽي ڪڍيو ويو آهي. لڳي ٿو تہ اهو ثقافت جو شروعاتي دور هو، جنهن ۾ اُجري ڳاڙهي (Bright Red) تي ڪارا چِٽ ڪڍڻ جو هُنر اڃا سرجندڙ مرحلي ۾ هو.
هن دڙي مان هٿ آيل پٿر جا اوزار، هٿيار، مٽيءَ جا ٿانوَ، شھر جون جايون يا قلعو وغيرہ هڪ محقق جي توجھہ پاڻ ڏانهن ڇِڪائين ٿا. انهن جي بناوت مان ماهرن اهو اندازو لڳايو آهي تہ هيءُ شھر سنڌ جي انهن ابتدائي شهرن مان آهي، جتي مهذب زندگيءَ جو آغاز ٿيو هوندو. هن شھر جي تباهيءَ متعلق بہ ماهرن جو خيال آهي تہ ڪن ماڻهن اچانڪ حملو ڪري، سموري شھر کي باھہ ڏني هوندي، ڇاڪاڻ تہ قلعي کان وٺي سموري شھر جي مٿان سڙيل خاڪ جا تھہ ڄميل مليا آهن. دڙي جي کوٽائيءَ مان ان ڳالھہ جو پڪو ثبوت مليو آهي تہ هتان جا ماڻهو امن امان جي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ مختلف ڌنڌن ۾ مشغول رهندا هئا. هن شھر جا ماڻهو مٽيءَ جي ٿانون ٺاهڻ ۾ ماهر سمجهيا وڃن ٿا. ٿانوَ چيڪي مٽيءَ مان ٺاهيندا هئا، پٿر جا اوزار ۽ هٿيار بہ وڏي مهارت سان تيار ڪندا هئا.


لفظ ڏيجيءَ جو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو