ڏوگريون ڍنڍ

ڏوگريون ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ناري ۾، نارا ڪئنال جي ساڄي ڪپ کان ڳوٺ بقار جي ڏکڻ اولھہ طرف واقع آهي. هن ڍنڍ تي هي نالو راڄڙ قبيلي جي ڏوگرا پاڙي جي ذات جي حوالي سان ’ڏوگريون‘ پيو. هي ڍنڍ سنڌ جي خوبصورت ڍنڍن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن ڍنڍ جي وچ ۾ ڀِٽون بہ آهن، جن مان هڪ کي ننڍيون ڏوگريون ۽ ٻيءَ کي وڏيون ڏوگريون سڏيو ويندو آهي. موجودہ وقت ۾ هن ڍنڍ جي وچ مان بختاور ڪئنال نڪرڻ ڪري هيءَ ڍنڍ پنهنجو وجود وڃائي چڪي آهي، پر آڳاٽي دور ۾ هيءَ ڍنڍ سياري ۾ مختلف قسمن جي پکين لھڻ ۽ شڪار ڪرڻ سبب مشھور هئي. هن ڍنڍ تي لاتعداد پکين جي اچڻ سبب سموري ڍنڍ جي مٿاڇري تي تمام گهڻي تعداد ۾ پکي نظر ايندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو