
ڏونگهي
ڏونگهي: ڏونگهيءَ جو شمار بھترين خشڪ ميون ۾ ٿئي ٿو. ڏونگهيءَ کي انگريزيءَ ۾ Coconut چوندا آهن. ڏونگهي ناريل سُڪائي ٺاهي وڃي ٿي. ڏونگهيءَ جو استعمال گهڻو ڪري مٺن کاڌن رڌڻ ۾ ٿئي ٿو. ان کانسواءِ مٺاين ۾ بہ ڏونگهيءَ جو استعمال ٿيندو آهي. شادين جي موقعي تي نڪاح وقت ڏونگهي، ڊاک، مصري، فوٽا، پتاشا وغيرہ ورهايا ويندا آهن. ان کانسواءِ محرم مهيني ۾ علم پاڪن تي بہ ماڻهو ڏونگهي رکندا آهن. باس يا سُکا پوري ٿيڻ تي ڏونگهي کڻي ويندڙ ورندڙ سال ٻيڻي ڏونگهي ڏئي ويندو آهي. ڏونگهيءَ جو بھترين خشڪ ميوي ۾ شمار ٿئي ٿو. ڏونگهي جسماني توڙي دماغي ڪمزوريءَ لاءِ بہ مفيد سمجهي ويندي آهي. ڏونگهي ڪيترين بيمارين کان بہ کارائيندا آهن، جن ۾ نڪسير (نڪ مان رت اچڻ) ۽ ٻيا مرض شامل آهن.