ڏونگر سي مهراج

ڏونگر سي مهراج: ڏنگر سي مهراج، صوفي شاھہ عنايت شھيد جي وڏن خليفن مان هڪ مشھور خليفو هو. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ’شاھہ عنايت ۽ ان جي سلسلي جا شاعر‘ ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ: “هڪ هندو فقير ڏونگر سي مهراج پڻ شاھہ عنايت جي وڏن خليفن مان هو. هي ٿرپارڪر جي طرف چڱو ساڌ سنگت وارو ساڌو ٿي گذريو آهي. صوفي شاھہ عنايت شھيد جي صوفياڻي تحريڪ دوران نہ رڳو ميرانپور، پر سڄيءَ سنڌ کان ڪيترائي انبوھہ ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. هڪ ڏينهن انبوھہ ماڻهو اچي شاھہ شھيد وٽ پهتا، پر شاھہ شھيد جي طبيعت خراب هئي، انهيءَ ڪري شاھہ شھيد پنهنجن وڏن خليفن مان هڪ خليفي فقير ڏونگر سي مهراج کي حڪم ڏنو تہ آيل طالبن کي درس ڏئي فيضياب ڪيو وڃي. هن واقعي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ شاھہ شھيد وٽ مذهب جو ويڇو نہ هو، اهو ئي سبب آهي، جو طالبن کي هدايت جو هٿ ڏيڻ لاءِ هڪ هندو خليفي ڏونگر سي مهراج کي حڪم ڪيائين. ظاهر آهي تہ طالبن ۾ مسلمان بہ ضرور هوندا. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي خاص ملازم شاهو خان جي پٽ روحل فقير ٽي پڻ شاھہ شھيد جي شهادت جي واقعي جو گهرو اثر هو، آخرڪار ڪلهوڙن جي ملازمت ڇڏي ميرانپور ۾ اچي جهوڪ جي درگاھہ جي سجادہ نشين صوفي عزت جي حلقي ۾ شامل ٿيو. هڪ روايت مطابق فقير ڏونگر سي مهراج وٽان روحل فقير بہ فيض پرايو هو.


لفظ ڏونگر سي مهراجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو