
ڏونڪن جو ناچ ڏانڊيا ناچ
ڏونڪن جو ناچ/ڏانڊيا ناچ: هيءُ هڪ منفرد ناچ آهي، جيڪو عيدن، شادي مراديءَ يا خاص تهوار تي ڪيو ويندو آهي. هي ناچ ڏونڪن تي ڪيو ويندو آهي ۽ گهڻو ڪري رات جي وقت رچايو ويندو آهي. هن ناچ کي ٿر ۾ ’ڏانڊيا ناچ‘ چوندا آهن. ناچ دوران ڇوڪريون يا ڇوڪرا حلقو ٻَڌي گول ڦرندا آهن. هن ناچ مھل ويڪري ميدان تي وچ ميڙ ۾ مڱڻهار بيهي دهل وڄائيندو آهي ۽ نچڻ وارا هٿن ۾ ڏونڪا جهلي نچندا آهن، جن جي ٻنهي ڇيڙن ۾ پنج يا ست ننڍا گهنگهرو ٻڌل ٿيندا آهن، اهي گول دائرو ٺاهي نچندا آهن ۽ ڏونڪا هڻندا ويندا آهن. هن ناچ وقت دهلاري آهستي آهستي ’ڏانڊيا‘ وڄت ڪندو آهي، جنهن جا ٻول ’ڍينجان- ڌينجان- ڌينچڪ- ڌينچڪ- ڌين‘ هوندي آهي. ناچ ڪندڙ دهلاريءَ جي چوڌاري گهيرو ڪري پير سان پير ملائي هڪ کي ٻئي جي ڏنڊيءَ سان لئہ موجب هڻندا ۽ ڦرندا ايندا آهن. پوءِ جيئن وڄت جي لئي تيز ٿيندي ويندي، تيئن تڪڙا ڏونڪا وڄائيندا ۽ گڏ ڪافي بہ چوندا ويندا آهن. ڪافيءَ جي ٿلھہ کي گهڻيون وراڻيون ڏيندا آهن، تڪ چئي ماٺ ڪندا آهن، ڏانڊيو وڄندو ايندو آهي، پير پير سان کڄندو ايندو آهي. تال وٺڻ تي سڀئي جنهن جاءِ تي هوندا اتي ئي ويهي رهندا. ٻي تال تي ڏيڍي ڦيري ڏيندا ۽ ٽئين تال تي وري ويهي رهندا آهن. وراڻي تي وري اٿي بيهندا ۽ وري ناچ کي اڳتي وڌائيندا آهن. هي ناچ سنڌ ۾ هندو توڙي مسلمان، خوشين جي موقعي تي رچائين ٿا. هي ناچ خاص طور هندستان جي راجستان ۽ سنڌ جي اتر واري ڀاڱي ۾ عام ٿيندو آهي.
هندستان ۾ گجراتي ڪميونٽي سال ۾ هڪ ڀيرو مذهبي ڏڻ ’نوراتڙيءَ‘ تي ڏانڊيا نرت ڪندي آهي. گجراتيءَ ۾ هن نرت کي ’گربا کيڏڻ‘ چيو ويندو آهي، جيڪو شام جو اٽڪل شام 5 بجي کان شروع ٿيندو آهي ۽ پرھہ ڦٽيءَ تائين جاري رهندو آهي. هن تقريب ۾ سڄي رات ڳائڻ ۽ وڄائڻ سان گڏ ’گربو‘ کيڏيو آهي. گانن ڳائڻ لاءِ خاص ڳائڻن کي گهرايو ويندو آهي يا وري گانا ٽيپ رڪارڊر تي هلايا ويندا آهن. اتي جيڪي گانا ڳاتا ويندا آهن، سي خاص ڏانڊيا ناچ لاءِ ئي تيار ٿيل هوندا آهن. هن ڏڻ ملهائڻ لاءِ گُجراتي پنهنجو مخصوص لباس اوڍيندا آهن. ’گربو‘ کيڏڻ لاءِ مرد، عورتون ۽ ٻار پنهنجن ڪپڙن مطابق رنگين ۽ چمڪدار پنين سان سجايل يا رنگ ڪيل ڏونڪا پنھنجي گهران کڻي ايندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن جتي تقريب رٿيل هوندي آهي، اتي ڏونڪن جو اڳ ئي خاص انتظام ٿيل هوندو آهي. ’نَوراترِي‘ تي هي ناچ ڀارت جي گُجراتي ٽي. وي چينلن تان سڌو سنئون نشر ڪيو ويندو آهي.