ڏور2 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ترتيب ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ شاعرن جو مختصر تعارف، انهن جي شاعري ۽ ڏور لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ ڏورن جون ڀڃڻيون بہ ڏنل آهن، جن شاعرن جا ڏور ڏنا ويا آهن، تن جا نالا: شاھہ عنات رضوي، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، پيراڻو ڀنڀرو، موريو، غلام محمد، بنگل شاھہ محمد سرهو، ڪمال، محمود پلي، جلال ڀٽو، جان محمد کٽي، ملال ملاح، سانول، نيڪ محمد، هاشم، فيضو، الاهي بخش، ميهر، حاجي، رتو قادر بخش، لونگ، الهڏنو، الهورايو، بادل، حجم، گابر محمود، خدا بخش، جوکيو، انڙ، سومر سولنگي، ملا ۽ غلام حيدر آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ ڏور جا قسم ڏنا ويا آهن، جن ۾ قدرت، سوا لک، پنجتن پاڪ ۽ اولياء شامل آهن. هن ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ 178 صفحا آهن. ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي.