ڏور به اوڏا سپرين2

ڏور به اوڏا سپرين2

ڏور بہ اوڏا سپرين2

ڏور بہ اوڏا سپرين2 (ڪتاب): هي ڪتاب هند جي مشھور اديب جوڙي منوهر بيدي ۽ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جي اسڪرپٽن تي مشتمل آهي. اهي 3 وڊيو اسڪرپٽ آهن، پهريون اسڪرپٽ ’ڏور بہ اوڏا سپرين‘ شاھہ ڀٽائيءَ جي زندگي ۽ سندس سير ۽ سياحت بابت آهي، هن اسڪرپٽ ۾ شاھہ جي حياتي جي هڪ اڻ ڇهيل باب جو اپٽار آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ شاھہ صاحب هنگلاج ڏانهن ويندي ٽي سال جوڳين جي سنگ ۾ رهيو هو. ٻئي اسڪرپٽ ‘لڙڪ نہ لکڻ ڏين‘ ۾ شيخ اياز جي حياتيءَ جي ڪن ورقن کي پسايو ويو آهي، جنهن ۾ سندس زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جو ذڪر آهي. ٽئين اسڪرپٽ ’ايندو ڪونه وري تاجل آ‘ ۾ تاجل بيوس جي حياتي، ڪلام ۽ تخليقي تصورن تي لکيل آهي. هي خوبصورت ٽائيٽل وارو، ڊيمي سائيز جي 108 صفحن تي مشتمل ڪتاب ’وينا پبليڪيشن الهاس نگر انڊيا‘ ڇپايو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 2002ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جي قيمت 90 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو