ڏوتڙ بندر (ماڳ): ڏوتڙ، تعلقي ننگرپارڪر، ضلعي ٿرپارڪر جو هڪ قديم ماڳ آهي، جيڪو آڳاٽي دؤر ۾ ننگرپارڪر شھر کان ويھہ ميل اتر طرف ويراواھہ شھر جي اولھہ ۾ هڪ بندر طور سڃاتو ويندو هو، جتي ڪڇ کان جھاز اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. ڪن عالمن جو خيال آهي تہ ڏوتڙ ڪو الڳ بندر ڪونه هو، پر پارينگر کي ’ڏوتڙ‘ سڏيو ويندو هو. هن بندر جو ذڪر تاريخي ماڳن ۽ ڪتابن ۾ اچي ٿو. هن لاءِ ڪن محقق جو خيال آهي تہ هيءُ بندر شايد پاريننگر بندرئي هو ۽ هتي سامونڊي جھاز لنگر انداز ٿيندا هئا. هن بندر جو ذڪر ’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ‘ ۾ بہ ڏنو ويو آهي.