ڏهر (شاعريءَ جي صنف): هي شاعريءَ جي هڪ صنف آهي. ڏاهر لفظ ڏهر جو مخفف آهي. ڏهر اصل ۾ لفظ ’ڏاھہ‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ڏس، پتو، پرولي سڌ ۽ اطلاع وغيرہ. هي سنڌي شاعريءَ ۽ لوڪ ادب ۾ هڪ نظر انداز ڪيل صنف آهي، جنهن ۾ رب جي ساراھہ، نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي مدح ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جو شان ۽ ساراھہ بيان ڪئي ويندي آهي. هي سنڌي شاعريءَ جي هڪ عروضي صنف آهي، جيڪا مخدوم نوح سرور جي سروري جماعت ۽ درگاھہ جي صوفي راڳين وٽ اڃا تائين ڳائي وڃي ٿي. ڏهر جي هڪ خاص ڍار ٿيندي آهي. هي اصل ۾ اوائلي سنڌي دوهي يا بيت جو هڪ قديم نمونو آهي، جنهن ۾ سليس، مٺي ۽ نصيحت واري ٻولي استعمال ٿيل هوندي آهي.