ڏهر (سُر): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو هڪ سُر، جنهن ۾ پنج داستان شامل آهن. ذات الاهيءَ جي ذڪر ۽ بزرگن، اوليائن جي ثنا واري موضوع کي آڳاٽي وقت کان وٺي صوفين ۽ درويشن جي سماع وارين محفلين ۾ سر ڏهر ۾ آلاپيو ويو آهي. سُر ڏهر ۾ شامل داستان هيٺ ڏجن ٿا:
داستان پهريون: هن داستان ۾ ويھہ بيت ۽ هڪ وائي شامل آهي. هن سُر جي پهرين داستان جو موضوع ئي ساري جھان جي خالق ۽ پالڻهار جي صفت ۽ ساراھہ، سندس مھر ۽ ٻاجهہ لاءِ دعا آهي. انهيءَ ڪري هنن بيتن کي فقيرن ذڪر طور ’سر ڏهر‘ ۾ آلاپيو. ان سان گڏ هن زمين تي انسان جي عارضي زندگيءَ جي حوالي سان انسان کي ترغيب تہ هيءَ حياتي هڪ عارضي منزل ۽ مانجهاندي جو ماڳ آهي. ننڊ ۽ غفلت بدران بيداري ۽ سجاڳيءَ واري حالت ۾ هجڻ ضروري آهي.
داستان ٻيو: هن داستان ۾ پندرنهن بيت ۽ هڪ وائي شامل آهي. هن داستان ۾ جسوڌڻ آگري جي دور ۾ پٽيهل درياھہ ۽ پاڻيءَ جي موج سبب ملڪ ۾ آبادي ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ، ان بعد وري پٽيهل ۾ پاڻيءَ جي گهٽجڻ ۽ سڪڻ، ماڻهن جي لڏڻ ۽ ملڪ جي ڦٽڻ جو موضوع شامل آهي.
داستان ٽيون: هن داستان ۾ 31 بيت ۽ هڪ وائي شامل آهي. هن داستان ۾ وقت جي وڏي بھادر ۽ ارڏي سردار لاکي ڦلاڻيءَ جي ڳڻن ڳالهين، بهادري، وڏن ماڻهن، راڄين ۽ راڄن جي ڌڻين سان ويڙھہ جا اهڃاڻ هن داستان جو مکيہ موضوع آهي. اوڏن جو ڀرجهلو ٿيو، هرمتئي اوڏ جي ڌيءُ سان پرڻيو ۽ اوڏڻ جي لڄ رکيائين. اوڏن کي اجهو ۽ اوٽ ڏنائين. سندس ڏاڍ مڙسي اها هئي تہ وڏن ماڻهن جا مال هڻي غريبن کي ڏيندو هو. ريٻارين ۽ جاڙيجن جا وڳ ڪاهيائين، پر اهي جيڪي ملڪ جي حاڪم راءِ کنگهار جي پناھہ هيٺ هئا، تن جون بہ لوڙيون هنيائين.
داستان چوٿون: هن داستان ۾ اوڻيھہ بيت شامل آهن. هن داستان ۾ سنگهارن ۽ مالدان جو ذڪر آهي. هي داستان سنگهارن يعني مالدارن جي وڏي چاھہ سان مال ڌارڻ ۽ چارڻ، پاڻ ۾ گڏ رهڻ ۽ سندن صلح سانت ۽ اطمينان واري سماجي زندگيءَ جو آئينو آهي. هن داستان ۾ مالدارن کي صلاح ڏنل آهي ته، جيڪڏهن هو چاهين ٿا تہ سندن مينهون وس چرن تہ سنگهارن سان گڏ رهن تہ جيئن ڪو چور چڪار سندن مال ڪاهي نہ وڃي ۽ ڪنهن وڏي هاڃي کان بچي سگهن.
داستان پنجون: هن داستان ۾ 24 بيت ۽ هڪ وائي شامل آهي. هن داستان ۾ ڪونجن جي اعليٰ وصفن جا اهڃاڻ ڏنل آهي. داستان جو مرڪزي موضوع ڪونجن تي ڪھل ڪرڻ ۽ کين نہ مارڻ جي ترغيب آهي. ڪونجن جي فطري ۽ اعليٰ ڪردار جون وصفون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي قوت ۽ چوڻي خاطر پرديس ۾ اينديون آهن، ۽ وطن کي ياد ڪري واپس ورنديون آهن، وڳر ۾ هلنديون آهن ۽ منجهانئن ڪا ڪونج پوئتي رهجي ويندي آهي تہ ان کي سنڀاري ساڻ ڪنديون آهن. سُر ڏهر مان ڪونجن بابت هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:
وڳر ويا وهي، ڪالھہ تنھنجا ڪونجڙي،
ڪندينءَ ڪوه رهِي، سَر ۾ سپيرين ري!