ڏهر: ٻن ڀٽن جي وچ واري حصي/ ايراضيءَ کي ڏهر چئبو آهي، جنهن ۾ برسات پوڻ جي ڪجهہ ڏينهن کانپوءِ پوکائي ڪري سگهجي ٿو، ڏهر ٻن ڀٽن جي وچ ۾ زمين جو اهڙو ٽڪرو آهي، جنهن ۾ آباديءَ جي صلاحيت هجي.
ٿر وارياسو علائقو آهي، جتي واريءَ جون ڀٽون بہ آهن تہ ڪٿي ڪٿي ڀٽن جي وچ ۾ سنئين زمين بہ آهي. جيڪا ڪٿي نرم تہ ڪٿي ڪٿي سخت آهي. ڪٿي ڳچ حصو آباديءَ لائق هوندو آهي، جيڪو ’ڏهر‘ هوندو آهي. ڏهر ۾ چراگاھہ ۽ آباديءَ لاءِ ٻنيون هونديون آهن. اهڙا ڏهر ننڍا وڏا ڪيترائي آهن، خاص ڪري ڪنٺي ۽ ڍاٽ ۾ گهڻا ۽ وڏا ڏهر آهن، جن جو مختصر احوال هن ريت آهي:
ڏاڪي ڏهر: ڏاڪي معنيٰ وڏو يعني وڏو ڏهر. هن نالي سان ٿر ۾ ٽي ڏهر آهن: (1) ڳوٺ ڪيتار جي ڏکڻ اولھہ ۽ مٺاتڙ جي اتر طرف، (2) سلھہ ڳوٺ جي اولھہ طرف ۽ اَڪليون ڳوٺ جي اوڀر طرف، (3) چارنور ڳوٺ جي اولھہ پاسي.
ڇڇي جو ڏهر: هي ڏهر تاجي جي تڙ جي اولھہ طرف، قابل شاھہ جي اڀرندي طرف، ڪونهور ٿيٻا ۽ سنگراسين جي ڳوٺ جي وچ ۾ آهي.
وڇيري جو ڏهر: هي ڏهر مصري شاھہ جي اولھہ طرف، جانب علي شاھہ کان اڀرندي ۽ ڀڳل ڳوٺ کان ڏکڻ طرف آهي.
هيڪل ڪوري ڏهر: ڌاريندڙي کان اولھہ طرف، مينگهي جي تڙ کان اوڀر ۽ رڙلي ڳوٺ جي ڏکڻ- اوڀر ۾ آهي.
ميڻڇو ڏهر: هي ڏهر ڌانڌوءَ جي تڙ جي اولھہ، وڪڙئي ڳوٺ جي ڏکڻ ۽ جهرڪلي ڀٽ کان اوڀر طرف آهي.
ڍوڪاري ڏهر: هي ڏهر چار نور جي ڏکڻ ۽ ٻڍي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي.
لاٺي جو ڏهر: هي ڏهر ڳوٺ چار نور جي اتر اوڀر طرف آهي.
بي جو ڏهر: هي ڏهر گوارڙي ڳوٺ جي اولھہ ۽ مصري شاھہ جي اتر طرف آهي.
ڏسارڻو ڏهر: هي ڏهر ڳوٺ ٻاسر جي ڏکڻ ۽ کڏيءَ جي اتر طرف آهي.
پوسرڪي جو ڏهر: هي ڏهر ڳوٺ پوسرڪي ۽ ڳوٺ روهيڙي جي وچ ۾ آهي.
ويءَ جو ڏهر: هي ڏهر ڪانڪ هئي جي اولھہ، راجوڙي جي اوڀر ۽ ڪرنهور جي اتر طرف آهي.
ڀڪوئي جو ڏهر: هي ڏهر ڳوٺ ڀڪوئي ۽ عالم سر جي وچ ۾ آهي.
ٽانپي جو ڏهر: هي ڏهر مٺاتڙ جي اولھہ ۽ سوڀي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي.
ڇھو ڏهر: ڇاڇري جي اوڀر طرف ۽ پريمي جي ويريءَ ڀرسان آهي.
گهگهوڙ ڏهر: هي ڏهر هريار جي اتر طرف ۽ آسار جي ڏکڻ طرف آهي.
تاسر جو ڏهر: هي ڏهر تاسر ڳوٺ جي ڀرسان آهي.
سينهار وڪيا جو ڏهر: هي ڏهر ڳوٺ سينهار وڪيا، تعلقي مٺيءَ ۾ آهي.
سجائيءَ جو ڏهر: هي ڏهر ڏيپلي تعلقي ۾ سجائي ڳوٺ وٽ آهي.
گانگاڻ جو ڏهر: هي ڏهر مينهي جي تڙ جي اوڀر طرف ۽ صالح جي تڙ جي اتر طرف آهي.
روهج جو ڏهر: هي ڏهر ڳوٺ روهج تعلقي ننگر پارڪر جي ڀرسان آهي.
گئوچر جو ڏهر: هي ڏهر وڪڙئي ڳوٺ کان ڏکڻ، کارو وليءَ کان الهندي، جيئندي جي تڙ کان اوڀر، دوٻهار ۽ حجامن جي تڙ جي ڏکڻ- الهندي ۾ مشھور ڏهر آهي.
ميهوئر جو ڏهر: هي ڏهر مينگهي جي تڙ کان اڀرندي، پيلوءَ جي تڙ کان اتر ۽ روهج جي ڏکڻ ۾ آهي.
نمن وارو ڏهر: هر ڏهر ڀوڄايي کان اوڀر، روهج کان الهندي ۽ تڳوسر کان ڏکڻ طرف آهي.
دانڌو ڏهر: هي ڏهر جيئندي جي تڙ کان اوڀر، وڪڙئي کان، حجامن جي تڙ کان اتر طرف آهي.
مٿينءَ ڏهر کانسواءِ ڪيرلي جو ڏهر، موڏو دڙو ڏهر، ماکنيو ڏهر، بسيائو ڏهر، جيسار جو ڏهر، روهلي ڏهر وغيرہ شامل آهن.