ڏهراج: ڏهراج، سماٽي جت ۽ سھتا آهن، ڪن جو چوڻ آهي تہ ڏهراج بهراجا ڏاهر جي اولاد مان آهن ۽ هنن سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي نواب شاھہ، نوشهري فيروز ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڏهراج رهن ٿا. چڪوال جا ڏهراج پاڻ کي راجپوت چوائين ٿا. ڏهراج، مهر، ڏهر ۽ منهاس، راجپوتن کي ڀائر ڪوٺين ٿا.