ڏنگ ڀٽ جو دڙو
ڏنگ ڀٽ جو دڙو: هيءُ دڙو ضلعي قنبر شھدادڪوٽ تعلقي وارھہ ۾ واقع آهي ۽ پي ڊبليو ڊي جي جوڻاڻي بنگلي کان ٻہ ميل اولھہ طرف آهي. ڀٽون سنڌيءَ ۾ وڇونءَ کي چئبو آهي. هن دڙي تي نانگ وڇون گهڻا هوندا آهن. انهيءَ ڪري هن دڙي مٿان ’ڏنگ ڀٽ‘ جو نالو پئجي ويو. هيءُ دڙو چانڊين جي جاگير ۾ شامل آهي.