ڏمرئي جو دڙو

ڏمرئي جو دڙو: هيءُ دڙو ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ واقع آهي. روايت آهي تہ ڏمريو نالي شخص جي نالي پٺيان هي دڙو سڏجي ٿو، جيڪو ذات جو بڊاماڻي هو. هيءُ دڙو صابو ٻرڙي جي ڳوٺ کان اولھہ طرف آهي. هن جي ڏکڻ کان شاھہ گودڙئي جا نشان نظر اچن ٿا ۽ ان جي ڀرسان بگوبن نالي دڙو آهي. هيءُ دڙو چانڊين جي جاگير ۾ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو