ڏاڙهياريءَ جو مقام

ڏاڙهياريءَ جو مقام: هيءُ سومرن جي دؤر سان تعلق رکندڙ قديم قبرستان آهي، جيڪو قنبر جي اولھہ ۾ اٽڪل 81 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي کيرٿر جي سلسلي ۾، ڏاڙهياري جبل تي واقع آهي. هن قبرستان ۾ اڪثر ڇٽي قبيلي جا ماڻهو مدفون آهن. ڏاڙهيارو خان ڇُٽن جي قبيلي جو نيڪ مرد هو، جيڪو پنھنجي خاندان سان گڏ هن مقام واري جاءِ تي اچي آباد ٿيو هو. هي مقام تاريخي حوالي سان خاص اهميت رکي ٿو. هتي موجود قبرن کي لوڙها پڻ ڏنل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو