
ڏاهر راجا

ڏاهر راجا

ڏاهر راجا
ڏاهر، راجا: سنڌ ۾ ڪشميري برهمڻن جا انيڪ خاندان مهاڀارت (1250/ 1000 ق. م) کان گهڻو اڳ آيا هئا. ڪشميري برهمڻ سنڌ جو پڙهيل ڳڙهيل ۽ محب وطن طبقو هو، جيڪو 326 ق. م ۾ سڪندر مقدونيءَ سان بہ جهيڙيندي نظر اچي ٿو. ان ريت اهي برهمڻ هوريان هوريان اثر رسوخ حاصل ڪري راءِ گهراڻي جي 184 سالن جي مضبوط حڪومت جي آخري حاڪم دورانديش جهوني راءِ سهاسيءَ II جي حڪومت جو انت آڻي، 632ع ۾ سنڌ جا حڪمران بڻيا. بلڪل ائين جـيـئن سمن پـنـهـنـجـو اثر رسوخ وڌائي سـومـرا حـڪومتي دور (1350- 1010ع) جو انت آندو، بلڪل ائين ارغونن کان ترخانن ڏانهن 1552ع ۾ اقـتـدار منتقل ٿيو. ساڳيءَ ريت ڪلهوڙا حڪومت (1780- 1700ع) جو خاتمو ڪري، سال 1781ع ۾ ٽالپرن سنڌ جو اقتدار حاصل ڪيو. سڄيءَ دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا مثال عام جام ملن ٿا.
برهمڻ خاندان، سنڌ ۾ ڏيڍ هزار سالن کان آباد هئا، جن ۾ گهڻائي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي هئي، جن جي علمي برتري، سندن سڄي حڪومتي دور ۾ ثابت آهي، پهريون برهمڻ بادشاھہ، جيڪو راءِ سهاسيءَ جي حڪومتي دور ۾ وزير هو، اُن جو نالو چچ هو، اُن راءِ سهاسيءَ جي موت کان پوءِ سندس پَٽ راڻي سـُهنديءَ سان شادي ڪري اقتدار ماڻيو ۽ اٽڪل 40 سالن تائين (671- 632ع) پُختائيءَ سان حڪومت ڪري، سنڌو سلطنت جي ذري گهٽ پراچين دور جي سرحدن کي بحال ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
راجا ڏاهر، چچ جو سڀ کان ننڍو پٽ هو، جيڪو نوجوانيءَ کان وٺي جنگجو ۽ اصول پرست مزاج رکندڙ هو. هن پنھنجي ٻوڌي چاچي راجا چندر کان پوءِ اقتدار ماڻيو. راجا ڏاهر، برهمڻ گهراڻي جو آخري حاڪم هو. راجا چچ 52ھہ/ 677ع ۾ وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ راجا چندر، سنڌ جو والي ٿيو. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جي چوڻ موجب هن تقريباً ست سال حڪومت هلائي ۽ 60 ھہ/ 681ع ۾ وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ راجا ڏاهر سنڌ جي حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو، جنهن سنڌ تي نهايت دانشمنديءَ، همت ۽ خوش اسلوبيءَ سان 32 سال حڪومت ڪئي، هن جي حڪومتي دؤر ۾ عرب بنو اميه جي سپھہ سالار حجاج بن يوسف ثقفيءَ جي ناٺيءَ محمد بن قاسم ڪاھہ ڪري، کيس شڪست ڏئي حڪومت حاصل ڪري ورتي. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ’تاريخ سنڌ‘ (عرب دور) ۾ راجا ڏاهر جي اصولي جنگي حڪمت عمليءَ بابت لکي ٿو ته، ”چچ جي دور ۾ شھزادي ڏاهر کي راجسٿان ۾ جنگ لاءِ موڪليو ويو تہ اتي پهچي چچ جي ڪنهن وزير کيس گوريلا جنگ ڪرڻ جي مشورو ڏنو، پر ان راءِ کي شھزادي ڏاهر رد ڪندي، سڌي جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيو.“
راجا ڏاهر هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ اعليٰ منتظم جي حيثيت ۾ سنڌو سلطنت جو حاڪم رهيو. هن پنھنجي حڪومت کي چئن پرڳڻن ۾ ورهايو هو، جتي اعليٰ انتظامي صلاحيتون رکندڙ عملدار مقرر ڪيا ويا. پهريون پرڳڻو، سنڌو نديءَ جي اڀرندي ڪپ تي هو، ان ۾ برهمڻ آباد، نيرون ڪوٽ ۽ ديبل بندر جھڙا شھر هئا، ٻيو پرڳڻو الهندي سنڌ ۾ هو، جنهن ۾ سيوستان، ٻڌيه، چنڪان، ڪوھہ پايه ۽ روجهاڻ جا شھر شامل هئا، اهو مڪران تائين پکڙيل هو، ٽئين پرڳڻي ۾ اسڪلنده، ڀاٽيه، ڪتا لواڙھہ ۽ چچ پور جا شھر شامل هئا ۽ ان جو چوٿون پرڳڻو: ملتان، سڪه، برهمپور، ڪروڙ شهر، ڪمڀا ۽ ٻين شهرن تي مشتمل هو. هن پرڳڻي جون حدون ڪشمير تائين وڌيل هيون. انهن پرڳڻن ۾ جدا جدا گورنر مقرر ٿيل هئا، جن کان هر سال ڏن وٺي مرڪزي خزاني ۾ جمع ڪرايو ويندو هو“. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ موجب: ”راجا ڏاهر وٽ انصاف لاءِ هڪ الڳ انتظام هو، جتي ننڍيون وڏيون ڪورٽون انصاف لاءِ ڪم ڪنديون هيون. راجا جي عدالت کانسواءِ ٽن قسمن جون ٻيون بہ ڪورٽون هيون ، جن کي ڪولاس، سرپناس ۽ گناس جو نالو ڏنو ويو هو.“ هن لکيو آهي تہ: ”راجا وٽ سڀ کان اهم فيصلا ويندا هئا. يعني راجا سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جيان هو.“ ان ريت چچ جي زماني ۾ فرياد، فرياد جي لکت، شاهدن جي بيانن ٻڌڻ کانپوءِ ئي فيصلو ڪيو ويندو هو. انصاف ۽ انتظاميہ جي لحاظ سان برهمڻن جي بادشاهت اعليٰ معيار رکندڙ هئي. هن جي وقت ۾ ملڪ ۾ اقتصادي حالتون تمام بهتر هيون، ديبل بندر تي واپاري جھاز بيٺا ئي بيٺا هوندا هئا، سنڌ جي بازارن ۾ هر قسم جي شيءِ دستياب هوندي هئي، چين کان ڪشمير رستي واپاري وکر سنڌ ۾ پهچندو هو.“
ان وقت سنڌ ۾ ٻڌ ۽ جين مذهب جا پيرورڪار گهڻا هئا، جنهنڪري ٻوڌين کي شاهي درٻار ۾ خاص اهميت حاصل هئي.
راجا ڏاهر تخت تي ويهڻ شرط ئي هڪ سال اندر ملڪ جي چئني ڪنڊن ۾ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا. سندس گاديءَ جو هنڌ ’الور‘ (اروڙ) هو. جتان هن پهرين اڀرندي سنڌ- برهمڻ آباد ۾ اچي پنھنجي ڀاءُ ڏهرسينه کي اُڀرندي پرڳڻي جي حڪومت سپرد ڪئي، پوءِ خود مڪران طرف روانو ٿي ويو، جتي مڪاني حاڪم سان لاڳاپا قائم ڪري موٽي ’الور‘ آيو. اهڙيءَ ريت هن پنھنجي پيءُ راجا چچ جي ڏينهن واري سڄيءَ سلطنت تي ملتان تائين بادشاهي جيئن جو تيئن قائم رکي. سندس حڪومتي دور ۾ سنڌ اندر خوشحالي ۽ امن امان برقرار رهيو. ان وقت عربستان ۾ بني اُميه گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ بنو اميه گهراڻي مان بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان هڪ عرب خليفو (بادشاھہ) هو. حضرت امام حسينعه جي شهادت بعد جيڪو هڪ فطري ردعمل پيدا ٿيو هو، ان کي سختيءَ سان دٻائڻ بعد بني اُميه گهراڻي جو تسلط پوري عرب تي ويهي ويو. بنو اميه گهراڻو هڪ فوجي سوچ رکندڙ گهراڻو هو. هنن عربن جي اتحاد ۽ طاقت جي فطري اُڀار کي ڏاهپ سان استعمال ڪندي، ڀرپاسي جي حڪومتن کي زير ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو. ان ريت 22ھہ/ 643ع تائين عربن همدان، دماوند، ايران، خراسان تي قبضو ڪري ورتو. هندستان ۽ سنڌ تي اهڙن چوڏهن حملن جو تفصيل مولوي نور محمد نظاماڻي ’ سنڌ جي تاريخ‘ جي پهرين جلد ۾ تفصيل سان ڏنو آهي، اهي ابتدائي حملا 9 ھہ/ 630ع کان شروع ٿيا هئا. سنڌ تي ٻيو ۽ ٽيون حملو حضرت عمر رضہ جي زماني ۾ 15 ھہ/ 636ع ۾ ٿيو. هو ان ريت عربن جي فوجي طاقت اڳيان 22 ھہ/ 643ع تائين ايران جهڙي قيصر و قصريٰ واري سلطنت جيڪا رومي سلطنت سان جهيڙيندي رهندي هئي، پنهنجو وجود قائم نہ رکي سگهي تہ سنڌ ايران جي ڀيٽ ۾، گهٽ عسڪري صلاحيت رکندي هئي، پر هڪ اهم ۽ امير ملڪ جي حيثيت ۾ اڳ ۾ ئي عرب واپارين جي نظر ۾ هئي. انهن ڏينهن ۾ عربن جون جدا جدا فوجون ٽن طرفن کان مختلف ملڪن تي قبضي ڪرڻ لاءِ موڪليون ويون هيون: هڪ فوج موسيٰ اشعريءَ جي هٿ هيٺ اولھہ طرف موڪلي وئي، جنهن اسپين تائين فتحون حاصل ڪيون. ٻيءَ اتر طرف قتيبه بن مسلم جي هٿ هيٺ موڪلي وئي، جنهن سمرقند ۽ بخارا تائين ملڪن تي قبضا ڪيا. ٽين فوج اوڀر طرف حجاج بن يوسف پنھنجي ناٺيءَ محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ موڪلي. اهو سنڌ تي عربن جو پندرهون حملو هو. ان کان اڳ بہ سنڌ تي فتح ڪرڻ لاءِ چوڏهن ناڪام حملا ڪيا ويا هئا، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) پهريون حملو: عثمان بن ابي عاص ثقفيءَ سنڌ جي ڪنارن تي پهچي هڪ شھر ٿاڻي تي حملو ڪيو. اهو حملو خليفي عمر فاروق رضہ جي اجازت کان سواءِ ڪيو ويو هو، جنهن تي هو ناراض ٿيو هو.
(2) ٻيو حملو: مغيره بن ابي عاص گجرات جي شھر ’ڀروڇ‘ تي ڪيو.
(3) ٽيون حملو: هن حملي ۾ مغيره بن ابي عاص شھر ديول واري لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. هي ٻئي حملا 15 هجريءَ ۾ ڪيا ويا.
(4) چوٿون حملو: هيءُ حملو عبدالرحمان بن سمره، ڪش ۽ زرنج وارن علائقن تي ڪيو، ان وقت سيستان ۽ مڪران بہ سنڌ جا علائقا هئا.
(5) پنجون حملو: هيءُ حملو 38 هجريءَ ۾ ڪيو ويو، جيڪو تغار بن ضعير جي ڪمان هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بھر ۽ ڪوھہ پايا جي رستي هندستان ڏانهن ڪاھہ ڪئي وئي.
(6) ڇهون حملو: هيءُ حملو 42 ھہ / 662ع ۾ حارث بن مره عبديءَ ڪيو هو، هيءَ لڙائي ڪيڪان (قلات) واري علائقي ۾ لڙي وئي، جيڪو خراسان جي ويجهو آهي. هن لڙائيءَ ۾ حارث بن مره عبدي مارجي ويو.
(7) ستون حملو: هيءُ حملو عبدالرحمان بن حمزہ جي فوج جي مشھور سپھہ سالار مهلب، ڪابل کان نڪري سنڌ جي اتر وارن شهرن تي ڪيو هو.
(8) اٺون حملو: هيءُ حملو 43 ھہ / 663ع ۾ عبدالله بن سوار عبدي ڪيڪان (قلات) تي ڪيو هو. هن جو ٻانهن ٻيلي عبدالله بن عامر هو، جنهن اتي جي جهيڙاڪ قبيلن کي شڪست ڏئي گهڻو مال غنيمت حاصل ڪيوهو.
(9) نائون حملو: امير معاويهرضه جي ڏينهن ۾ عبدالله بن سوار چئن هزار سپاهين سان ڪيو هو.
(10) ڏهون حملو: 44 ھہ / 664ع ۾ مهلب بن ابي صفره ڪيو هو. هيءُ حملو درياھہ جي پاسي کان ٿيو هو. مهلب جو اهو حملو اڄوڪي پنجاب جي ميدانن تي هو، جيڪي ان دور ۾ سنڌ سان شامل هئا. مهلب جو اهو حملو ملتان ۽ ڪابل جي وچ وارن علائقن تي هو.
(11) يارهون حملو: هيءُ حملو سيستان جي والي زياد بن ابي سفيان پاران سنان بن سلمان بن محبق هذليءَ کان ڪرايو ويو. هن مڪران کي فتح ڪيو ۽ اتي جي ترقي لاءِ چڱا اپاءَ ورتا.
(12) ٻارهون حملو: هيءُ حملو زياد بن ابي سفيان پاران راشد بن عمرو جريديءَ کان ڪرايو ويو. هن بہ ساڳيءَ ريت ڪوھہ پايا ۽ ڪيڪان (قلات) تي حملا ڪيا ۽ ڏنُ وصول ڪري اڳرو ٿيو. امير معاويه رضہ جي پوين ڏينهن ۾ 59 هجري ۾ زياد بن ابو سفيان جو پٽ عباد بن زياد، هند ۽ سنڌ ڏانهن جهاد لاءِ نڪتو. هو ردبار وارو علائقو لنگهي وڃي قنڌار تي ڪڙڪيو.
(13) تيرهون حملو: سنان بن سلمه جي شهادت کان پوءِ منذر بن جاروڊ عبدي مڪران جو حاڪم ٿيو. هن بہ پنهجي پيشروئن وانگر ڪيڪان (قلات) تي چڙهائي ڪئي. منذر بن جارود عبدي، خضدار ۽ توران تائين ڪاھہ ڪري پهتو، آخر ۾ ڪنهن بيماريءَ سبب گذاري ويو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ حڪم بن منذر کي مقرر ڪيو ويو.
(14) چوڏهون حملو: حڪم بن منذر کان پوءِ ابن زياد هڪ بھادر سالار ابن حري باهليءَ کي سنڌ جي سرحد تي مقرر ڪيو. ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي تہ اصل ۾ سنان بن سلمه پنھنجي پاران ابن حري باهليءَ کي موڪليو هو.
جڏهن محمد بن قاسم جي فوج 712ع ۾ سنڌ تي ڪاھہ ڪئي تہ راجا ڏاهر ۽ ان جي فوج تمام بهادريءَ سان عرب لشڪر سان جنگ لڙي، جهڙيءَ ريت حاڪم پنھنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ ڪندا آهن، هن بہ ائين ڪيو.
عرب، جيڪي اسلام کان پهرين ايران جي فوج ۾ ڀرتي ٿي، رومين سان جنگيون ڪندا هئا، اهي هاڻي 360 خدائن مان جان ڇڏائي، هڪ واحد خدا جا پوئلڳ ٿي، اهلِ ڪتاب بڻجي، هڪ عالمي طاقت بڻجي اُسري رهيا هئا. اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي ڪيترن ساحلي علائقن ۾ بہ عرب تاجر رهندا هئا ۽ عربن جي طاقت کان دنيا جي ڪا بہ حڪومت محفوظ نہ هئي.
عربن جي ويڙهاڪ فطرت ۽ سندن وحدانيت ۽ اتحاد منجهن ٻاهرين ملڪن تي قبضي ڪرڻ جي بي انتها خواهش پيدا ڪئي، اهو ئي سبب هو جو سنڌ تي پندرهين ڪاھہ ڪرڻ لاءِ محمد بن قاسم کي لشڪر سميت موڪليو ويو. ان دور ۾ جنگيون هڪ فائدي وارو سودو هونديون هيون. مفتوح ملڪن جي دولت فاتح ملڪ ڏانهن منتقل ٿيندي هئي. ان ريت تاريخدانن لکيو آهي تہ: ”هن جنگ ۾ عربن کي ڪروڙين روپين جي ملڪيت (سوين مڻ سونَ سميت) هٿ آئي ۽ هزارين سنڌي مردن ۽ عورتن کي باندي بڻائي، عرب ۽ عراق ۾ غلام طور وڪرو ڪيو ويو.“
مولانا مودوديءَ پنھنجي مشھور تفسير ’تفهيم القرآن‘ ۾ عرب قبيلن جي بنيادي روزگار جا ٽي وسيلا ڄاڻايا آهن:
¨ دنيا سان تجارت ڪرڻ،
¨ آتش پرست ايران جي فوج ۾ ڀرتي ٿي، حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي پيروڪار رومي شهنشاهيت سان ويڙهاند ڪرڻ.
¨ ڦر مار ڪرڻ ۽ ڌاڙا هڻڻ.
اهي عرب قبيلا هاڻي هڪ طاقت بڻجڻ کان پوءِ، گهڻي مال غنيمت جا حقدار ٿي ويا هئا ۽ اتي جي حاڪمن لاءِ اهو ضروري بہ هو تہ هو انهيءَ بي انتها سگهہ جو رخ دنيا ڏانهن موڙين، ٻيءَ صورت ۾ اها طاقت خود عربن ۾ خانہ جنگي ۽ قبيلائي ويڙهاند جي اهڙي باھہ ڀڙڪائي وجهي ها، جنهن جي تپش اڄ ڏينهن تائين محسوس پئي ٿئي ها. جيئن عربن جي اندرين ويڙهاڪ سگهہ جو الميو ڪربلا جو دکدائتو واقعو آهي، جيڪو انهيءَ خاندان سان ٿيو، جنهن عربن ۾ وحدت ۽ اتحاد پيدا ڪري کين دنيا ۾ سماجي مهانتا ۽ توحيدي طاقت مهيا ڪئي هئي. عربن جي هڪ وڏي سگهاري سامي النسل راڄ (سامراج) جي اڀرڻ سان نہ رڳو توحيدي فڪر عام ٿيو، پر دنيا جي ڪيترين ئي قومن جي تهذيبن جي تڏا ويڙھہ بہ ٿي وئي، ايران وارن پنھنجي انهيءَ هاڃي کي ڪربلا جي پرسوز واقعي ۾ ڳولي لڌو ۽ پُر اثر نموني بيان ڪيو. ان ريت اسلام منجهان ئي ظلم ۽ ظالم خلاف تبليغ ۽ تبرائون ڪندڙ هڪ فرقي جنم ورتو. ساڳيءَ ريت سنڌ ۾ بہ ابتدائي طور فاطمي خلافت برپا ڪرڻ جي تبليغ ٿي ۽ هتي اسماعيلي مڪتبه فڪر متعارف ٿيو، پر بعد ۾ مصر ۾ فاطمي خلافت ۾ امامت واري سوال تان ٿيل اختلافن ۽ هڪ امام جي شهادت سبب سومرا راڄ پهرين اڻ ڌريا ٿيا ۽ پوءِ حنفي مسلڪ اختيار ڪري ورتائون.
عربن سان سنڌ جي برهمڻ خاندان جا اسلام کان اڳ ئي بهتر تعلقات هئا، سنڌ جي واپارين جي اچ وڃ راجا چچ جي زماني کان زميني ۽ سامونڊي، ٻنهي رستن سان قائم هئي. تاريخن ۾ اچي ٿو تہ راجا چچ، رسول پاڪ صہ جي خدمت ۾ سوکڙيون پاکڙيون بہ موڪليون هيون. ڪربلا جي واقعي دوران حضرت امام حسين عليہ السلام جي سنڌ وڃڻ واري خواهش اُن جي تجديد هئي.
(اَنّ لستم براضين بور و دالعراق فاتر ڪوني لا ذهب الي السندھہ‘: [توهان جيڪڏهن منهنجي عراق پهچڻ تي راضي نہ آهيو تہ مون کي ڇڏيو تہ مان سنڌ وڃان]. امام حسين عليہ السلام، حوالو: معارف ابن قتيبه، ص 95، طبع مصر، 1934ع).
ڪربلا جي واقعي کان پوءِ ڪيترن عربن سنڌ ۾ پناھہ حاصل ڪئي، جن ۾ علافي قبيلو نہ شامل هو. عربن جي جنگجو فطرت جو فائدو وٺندي، راجا ڏاهر علافيءَ قبيلي جي ماڻهن کي پاڻ وٽ ملازمت ۾ رکيو ۽ هنن مڪران پاسي ڪيترين ئي فوجي هلائن ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ محمد علافيءَ جي پاران انعام طور پنهنجو نالو سنڌ جي سِڪي تي ڏسڻ ٿي گهريو، ڇو جو هن بي اولاد هجڻ ڪري پنهنجو نالو دنيا ۾ ان ريت قائم رکڻ ٿي چاهيو. راجا ڏاهر پنھنجي سِڪي جي هڪ پاسي محمد علافيءَ جو نالو اُڪيرايو هو. اِها ڳالھہ راجا جي رواداريءَ ۽ لبرل سوچ جي ثابتي آهي. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ اهو واقعو 85ھہ/ 704ع جو ڄاڻايو آهي.
عرب تاريخدانن بہ راجا ڏاهر جي ساراھہ لکي آهي، جنهن جو ذڪر عرب تاريخن ۾ جتي ڪٿي ۽ عام جام نظر اچي ٿو. سنڌ تي عربن جي قبضي جو وڏو سبب هتان جي ٻڌمت وارن جي رواداريءَ واري پاليسي هئي، جن وٽ ويڙھہ ۽ تشدد جو ڪو بہ تصور نہ هو.
راجا ڏاهر تي ديبل بندر وٽ سيلون کان ايندڙ مسلمان واپارين جي ٻيڙن جي ڦرلٽ ۽ عورتن جي دانهن بابت ڪيترن تاريخ جي ڄاڻن تحفظات ڏيکاريا آهن، عربن دنيا جي جن ٻين ملڪن تي والار ڪئي هئي، اتي اهڙين هلائن جا آخر ڪهڙا سبب هئا؟ انهيءَ دؤر جي دنيا جي سگهارن سامراجن جو اهڙو ئي ورتاءُ رهيو هو. خود راجا ڏاهر ۽ سندس ڀيڻ ٻائيءَ جي شاديءَ واري ڪهاڻي بہ پوئين دؤر جو من گهڙت قصو آهي (خود ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين محققن ان کي من گهڙت قصو ڄاڻايو آهي). برهمڻ، سؤٽ سان بہ شادي نہ ڪندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي تہ پنھنجي سڄي علائقي جي نياڻين مان بہ ڪنهن سان شادي نہ ڪندا آهن، ڪنهن ڀر واري علائقي جي ساڳيءَ نيات مان شاديءَ کي سٺو نہ سمجهيو ويندو آهي. ان ريت سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ سامونڊي ڌاڙيلن ۽ واگهيلن (سامونڊي ڌاڙيلن) جا قصا بہ تمام پراڻا آهن ۽ انهن سامونڊي علائقن جي ڌاڙيلن تي ڪنهن بہ دؤر ۾ ڪنهن بہ حاڪم جو وس نہ رهيو آهي. انهن ڳالهين تي تمام گهڻن تاريخدانن جي تنقيد موجود آهي، اهي ڳالهيون هاڻي هٿرادو قصن ۽ ڏند ڪٿائن کان وڌيڪ ڪا بہ حيثيت نٿيون رکن. ان دؤر ۾ عرب هڪ اهڙي اسرندڙ طاقت هئا، جن جو اقتدار دنيا جي ڳچ ڀاڱي تي قائم ٿيڻ اڻٽر هو. عربن جي پندرهين تاريخي حملي، سال 94ھہ/ 712ع ۾ ننڍي کنڊ جي هڪ اهم تهذيبي علائقي سنڌ جي برهمڻ خاندان جو راڄ، راجا ڏاهر جي قتل سان ختم ٿي ويو. راجا ڏاهر سنڌ جي هڪ اڳوڻي بادشاھہ راجا پورس کانپوءِ عظيم سنڌ جو هڪ اعليٰ حاڪم هو، جنهن پنھنجي حاڪميت بچائڻ لاءِ وڏي مزاحمت ڪئي، پر نئين اڀرندڙ سج آڏو پراڻا قنديل روشني وڃائي ويهندا آهن. شاھہ لطيف، سوراشٽر جي هڪ راجا جي قربانيءَ واري موت تي هن ريت اوساريو آهي:
گل ڇنو گرنار جو، پٽَڻ ٿيو پٽين.
ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رمگيُو.
(سر سورٺ)