ڏاهري عبدالقادر

ڏاهري، عبدالقادر: ناميارو تعليمدان پروفيسر عبدالقادر ڏاهري، 10 جولاءِ 1932ع تي نوابشاھہ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ٻانڌي ۽ بي. اي نوابشاھہ مان پاس ڪري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي پاس ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد سنڌ انجمن حمايت الاسلام جي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. پروفيسر عبدالقادر ڏاهري اڳتي هلي نوابشاھہ ۾ سچل سرمست ڪاليج جو بنياد وڌو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 3 سال ميمبر رهڻ سميت ٽي سال سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو ميمبر ۽ سنڌ ڏاهري ويلفيئر ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهي. هيءُ سچل سرمست ڪاليج نوابشاھہ جو 1964ع کان 1962ع تائين پرنسپل بہ رهيو آهي. هن وقت رٽائر زندگي گذاري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.07.10  عيسوي

ناميارو تعليمدان پروفيسر عبدالقادر ڏاهري، 10 جولاءِ 1932ع تي نوابشاهه ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عثمان هاروني خواجہ
ڄاموٽ سيد حسن علي
عبدي مولوي عبدالقادر
گلشن سنڌو
سوناڪشي سنها
صالح حاجاڻو
بابا نيڀراڄ
حڪيم محمد يوسف کتري
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
جمال الدين افغاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون