ڏاهري

ڏاهري (ذات): ڏاهري، سنڌ جي هڪ قديم ذات آهي، جيڪي نوابشاھہ، نوشهري فيروز، سانگهڙ سميت سنڌ جي اڪثر هنڌن تي آباد آهن. هڪڙو عام خيال اهو آهي تہ ڏاهري، راجا ڏاهر جي اولاد مان آهن. ’سنڌ جي ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ جي مصنف کين راجا ڏاهر جو پونير ڪري ڄاڻايو آهي. ڏاهرين، اسلام جي آمد کان پوءِ اسلام قبول ڪيو. هو جنگجو ۽ ويڙهاڪ رهيا هئا. تاريخدانن سندن واسطو سميجا قبيلي سان ڄاڻايو وڃي ٿو. راهو، ساند، ساريا ۽ ڪيريا ذات وارا بہ ڏاهرين وانگر سميجا قبيلي جي اهم ذاتين ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. محققن جو خيال آهي تہ هي اصل ۾ هوٿي بن انڙ جو اولاد آهن. ساند پٽ پليءَ کي ’هالي‘ نالي هڪ پٽ هو، جنهن کي ست پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو ’هوٿي‘ هو، جنهن جي اولاد کي ئي ’ڏاهري‘ سڏيو ويو. ڏاهري سنڌ جي هڪ اهم ذات آهن. جيئن تہ هي بهادرقبيلو رهيا آهن، ان ڪري سندن بهادريءَ ۽ حب الوطنيءَ سبب ڌارين حڪمرانن جي درٻارين مٿن اٻوجهائي ۽ بيوقوفائيءَ جھڙا پهاڪا جوڙيا، جن جي ڪا بہ اصليت نہ آهي. هونئن بہ ڌاريا حڪمران هميشہ محب وطنن کي گهٽ ۽ جاهل ڄاڻندا آهن. ڏاهري ذات مان ڪيترائي عالم فاضل ۽ اڪابر پيدا ٿيا آهن، جن ۾ علامہ ابو الحسن ڏاهري، مولانا محمد ادريس ڏاهري ۽ ٻيا ناليوارا عالم ٿي گذريا آهن. مشھور تعليمدان ۽ سچل ڪاليج نوابشاھہ جو پرنسپال عبدالقادر ڏاهري ۽ نوجوان اديب ۽ محقق محمد بخش ڏاهري بہ هن ذات سان واسطو رکن ٿا.


لفظ ڏاهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو