ڏانيهڙ جو دڙو: هيءُ دڙو، قنبر شھر جي اولھہ ۾ 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ديھہ نوَ لکي جاگير، تعلقي قنبر ۾ ايف. پي. بند ويجهو، يونين ڪائونسل غيبي ديري ۾ واقع آهي. هن دڙي جي اوچائي 12 فوٽ آهي. هيءُ دڙو، سمن جي دور جو معلوم ٿئي ٿو.
مقامي روايتن موجب؛ ‘بوهڙ’ قبيلي جو سردار ڏانو خان بوهڙ وڏي هلندي پڄنديءَ وارو ماڻهو هو، جيڪو پنھنجي ڪڙم ۽ راڄ سان هن هنڌ تي رهندو هو. هن ماڳ جي ڦٽڻ بابت مشھور آهي تہ: ڏاني خان جو اولاد پاڻ ۾ اڻبڻت پيدا ٿيڻ ڪري هتان لڏي ويو. ٻيءَ روايت موجب، هتان جي مقامي چانڊين سان سندن ناسازي ٿيڻ ڪري هو هتان هليا ويا. هيءُ دڙو چئن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي.