ڍڪڻي ڀڃڻ (رسم): هي شاديءَ جي هڪ رسم آهي، جيڪا سنڌ ۾ عام مروج آهي. هن رسم ۾ گهوٽ جيئن ئي لانئون لھڻ لاءِ سيج کي ويجهو ٿيندو آهي تہ ٽانڊن تي هرمرو وجهي، ان جي مٿان ڍڪڻي رکي يا ڍڪڻيءَ هيٺيان پئسا رکي، گهوٽ جي کاٻي کڙيءَ سان ڀڃرائبو آهي. ڍڪڻي ڀڃڻ کان پوءِ ئي گهوٽ سيج ڏانهن وڃي سگهندو آهي.
شاھہ لطيف هن رسم جو سُر ليلا چنيسر ۾ هن ريت اظهار ڪيو آهي:
پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،
ڄاتم تهين وير، ڪوجهي ڪندو پريتڙي.