ڍول مارُو/ ڍول مارئي (سُر): هي سُر شاھہ لطيف جي گنج ۽ ڪن پراڻن رسالن ۾ آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڪن ٻين محققن جو خيال آهي تہ هن سُر جا دوها/ بيت شاھہ لطيف جا نہ آهن. بهرحال، ڍولي مارو يا ڍولي مارل جي ڪهاڻي سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ مشھور آهي (ڏسو: ڍولا مارو).
سُر ’ڍول مارُو‘ جيسلمير ۾ تمام گهڻو ڳايو ويو وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جا دوها، راڳ ’پرچ‘ ۾ ڪيترين صدين کان ماڙيچا گهراڻي وارا لوڪ موسيقيءَ ۾ ڳائيندا آهن.
هن سُر جي سرگم وسيلي آروهي، امروهي پيش ڪجي ٿي:
آروهي: ني، سا، گي، مي، پا ڌا، ني سا
امروهي: سا، ني، ڌا، پا، مي، پا، ڌا، پا، گي، ما، گي، مي، گي، راسا.
(نوٽ: جيڪي بہ سُرن جي ڪائنات ۾ سرگم جا سُر ڪومل روپ ۾ يعني لٿل سُرن ۾ استعمال ۾ ايندا، تن ۾ الف جو اُچار گڏ لڳائبو آهي، مثال طور: را، گا، ما، ڌا، نا، سا. اهي پنجئي سُر ڪومل سُرن کي ظاهر ڪن ٿا. اهڙيءَ ريت ’ي‘ جو اُچار ملائبو تہ اهو تِيوَر سُرن کي ظاهر ڪندو آهي. مثال طور: ري، گي، مي، ڌي، ني. اهڙيءَ ريت اهي پنجئي سُر تيوَر سُرن جي روپ ۾ ظاهر ٿين ٿا.)
سُر ڍولي مارو (پرچ) جي راڳ جو لطيفي چالو هن ريت آهي:
- سَا ني سَا رَا سَا ني ڌا، سَا ني ڌا پا مي گي، ڌا مي گي را سا، سا ني سا، گي را سا، گي مي گي، مي ڌا ني سَا، ني ڌا پا، مي، پا، گي ما گي، مي گي را سا.
- سا ني سا، گي گي مي گي، مي ڌا ني مي ڌا، سا ني سا را، سا ني ڌا پا، مي پا، ڌا پا، گي ما گي را سا.
- ني سا، مي گي، مي ڌا ني سَا، ني ڌا ني سَا، ني ڌا پا، سَا ني ڌا مي، ڌا مي، گي ما گي، مي ڌا سا، ني سَا رَا سَا، رَا ني سا، مي گي مي ڌا سا، ني سَا رَا سَا، رَا ني سَا، ني ڌا سَا ني ڌا، سَا ني ڌا پا، مي پا ڌا پا، گي ما گي را سا.
- رَا ني سَا، رَا گَي رَا سَا، ني سَا رَا ني سَا، ني ڌا، سَا ني ڌا پا ني گي، ڌا مي ڌا مي گي را سا.
اهڙيءَ ريت سُر ڍول مارو/ مارئيءَ ۾ لطيفي چالي جو جنم ٿئي ٿو.