ڌيرڻ شاھہ جو قبرستان

ڌيرڻ شاھہ جو قبرستان: هي سترهين صدي عيسويءَ جو ماڳ آهي، جيڪو نوابشاھہ کان نَوَ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڄام صاحب روڊ تي واقع آهي. هتي ڌيرڻ شاھہ جي مزار آهي، جنهن جي مٿان پڪي چوکنڊي ٺهيل آهي. وهمي ماڻهو قبرستان ۾ بيٺل پراڻي ڪنڊيءَ جي وڻ جي ٿڙ جي سوراخن مان اهڙن ننڍڙن ٻارن کي ٽپائيندا آهن، جن کي ارڙي، ٻاراڻو، وڏي کنگهہ يا مدي جو بخار وغيرہ جهڙيون بيماريون هونديون آهن. چون ٿا تہ اهي ٺيڪ ٿي وڃن ٿا. ڪنڊيءَ جي ٿُڙ جي گولائي اٽڪل ڏھہ فوٽ آهي، جنهن جي نهري ٿڙ ۾ زمين جي سطح جي برابر هڪ فوٽ جا ٻہ گول قدرتي سوراخ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو