ڌونڪ ماٿري گاجي شاھہ واري واهِي

ڌونڪ ماٿري/گاجي شاھہ واري واهِي: هيءَ واهي، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ غازي شاھہ عرف گاجي شاھہ جي اولھہ وارن جبلن ۾ موجود چشمن مان وهي، گاجي شاھہ جي مزار آڏو ڌونڪ ماٿريءَ ۾ پوي ٿي. هتي ’بنجو‘ نالي خوبصورت آبشار موجود آهي. جهرڻي جو نظارو نهايت وڻندڙ آهي. پهريائين هن واهيءَ کي ڌونڪ جي واهي چوندا هئا، پر پوءِ پير گاجي شاھہ جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو