ڌمڻ شيخ جو قبو

ڌمڻ شيخ جو قبو

ڌمڻ شيخ جو قبو

ڌمڻ شيخ جو قبو: هيءَ درگاھہ ضلعي ڄام شوري، تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ شاھہ حسڻ جي ڏکڻ اوڀر ۾ 9 ڪلوميٽر، منڇر جي ڪنڌيءَ تي ۽ جهانگارن کان 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، 26°23'23" اتر ويڪرائي ڦاڪ 67°38'05" اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. مقبرو چورس رٿ جو 6.50x6.40 ميٽرن جي ماپ جو، جنهن جو لنگهہ اوڀر ۾ ڏنل آهي. مهاڙي وٽ ٻيڙ ٻني تي چار برجيون (Turrets) ٺهيل آهن. هر ڪنڊ تي جوڙ- ڪنڊون ٺاهي مٿان وڏو گنبذ ٺاهيو ويو آهي. گنبذ کي روغن ٿيل آهي. گنبذ کي آمهون سامهون هوائوڻا ڏنل آهن. مقبري ۾ اندر هڪ قبر ڌمڻ شيخ جي آهي. هر سال ميلو لڳندو آهي، جنهن منڇر جا ملاح وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪندا آهن. هن پير تي اڄ بہ ملاح ڪاٺ جا ٺهيل لنگم تبرڪ يا باس طور ڏيندا آهن، پر کين خبر ڪانهي تہ هو ڇا ٿا ڏين. ڪجهہ عرصو اڳ 1975ع ڌاري هن بزرگ تي چوڌاري لنگم ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ موجود هئا. منڍ ۾ قبو ٺهيل نہ هو. هاڻي پڪسرائون قبو ٺهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو