ڌرم وير

ڌرم وير (اخبار): هيءُ اخبار 30 مارچ 1921ع ڌاري سوامي امرداس نالي، ٻائي جي ادارت ۾ پڌري ٿي. چوئٿرام لالواڻي بہ هن اخبار جو ايڊيٽر رهيو. هي اخبار سوامي هرنامداس اُداسيءَ جي يادگيري ۾ جاري ڪئي وئي هئي. 1921ع کان 1924ع تائين، گرمکي، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپبي هئي. بعد ۾ اخبار ماهوار رسالي جي صورت ۾ رڳو سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندي رهي.’ڌرم وير‘ امر پريس، سکر ۾ ڇپبي هئي. 1927ع کان ’ڌرم وير‘ رسالي ۾ انگريزي زبان ۾ بہ ڪالم درج ڪيا ويا. ڌرم وير ۾ اختلافي مواد شايع ٿيڻ ڪري 1936ع ۾ هندو ليگ گزيٽ پاران هن اخبار خلاف بدناموسيءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.


لفظ ڌرم ويرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.03.30  عيسوي

هيءُ اخبار 30 مارچ 1921ع ڌاري سوامي امرداس نالي، ٻائي جي ادارت ۾ پڌري ٿي.



اخبارون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيوڪ اخبار
پيغام سنڌ
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊور ٽائيز
سنڌ روزاني اخبار
صداقت اسلام
دعوت اسلام
سجاڳي
رائيس مارڪيٽ رپورٽ
ستياوادي پکشڪ
خادم الاسلام 2
اخبارون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون